ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته رياست کي ٽوڙڻ لاءِ بلوچ نوجوانن کي ورغلايو پيو وڃي ۽ عورتن کي سازش جو حصو بڻايو پيو وڃي.ايوب اسٽيڊيم ۾ جشن آزادي جي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته بلوچ نوجوانن کي هڪ سازش تحت رياست کان پري ڪيو پيو وڃي، بلوچن جي روايتن ۾ ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو ته پنجابين کي بسن مان لاهي ماريو ويو هجي، ڇا بلوچ روايت اهڙي اجازت ڏئي ٿو؟.هن چيو ته اسان جي نوجوانن کي ورغلائي چيو پيو وڃي ته هي رياست ٽوڙيو، پ هي رياست ڪڏهن به نه ٽٽندي، پنهنجن کي هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل ٿو ڪريان ته اهي جبلن تان هيٺ لهي اچن کين گلي لڳايو ويندو، پر ياد رکو رياست مظلوم سان گڏ هوندي ظالم سان ڪڏهن به نه، ظلم ڪندڙن کي رياست ڪڏهن به معاف نه ڪندي.