پاڪستان 14 آگسٽ 1947 تي وجود ۾ آيو ھو، جنھن ڪري ھر سال ان تاريخ تي ملڪ جي آزادي جو ڏينھن ملھايو وڃي ٿو.پاڪستان قائم ٿيڻ کي مني صديءَ کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آھي.جنھن دوران سول حڪومتن جو دورگھٽ ئي رھيو آھي. انھن سول حڪومتن ۾ پڻ حقيقي جمھوريت نھ ھئڻ برابر رھي آھي.يا ائين کڻي چئجي تھ ھن ملڪ جي عوام ڪڏھن بھ اصل جمھوريت جو مشاھدو نھ ڪيو آھي.
ملڪ مٿان مڙھيل چوٿين مارشل لا دوران ملڪ جي ٻن وڏين جماعتن پاڻ ۾ ميثاق جمھوريت ڪئي اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ان ۾ طئي ٿيل گھڻن ئي نقطن تي عمل نھ ٿيو پر ان وچ ۾ ملڪ جي اشرافيا ۽ اسٽيبلشمينٽ ملڪ ۾ وري نئون تجربو اھو ڪيو تھ ھڪ نئين جماعت کي ھٿي ڏئي اڳتي آندو ويو.جنھن بعد ان مان ھٿ ڪڍي ملڪ جي ٻين ڪافي جماعتن کي اقتدار ڏنو ويو.اھڙي راند جاري آھي، جنھن بعد شروع ٿيل سياسي ڇڪتاڻ سبب ملڪ جا سمورا ادارا پڻ ورھائجي ويا.نتيجي ۾ ھن وقت ملڪ ھڪ ئي وقت ڪئين بحرانن جي ور چڙھيل آھي.جنھن ۾ سياسي عدم استحڪام،معاشي بحران،عدالتي بحران،آئيني بحران ۽ سياسي بحران شامل آھن.
ھن وقت ملڪ ۾ مھانگائي،غربت ۽ ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪسن جي ڪري غريب وڌيڪ غريب ۽ امير وڌيڪ امير ٿي رھيا آھن، جنھن سان عوام ۽ اختيارين ۾ اڳي ئي موجود وڇوٽي وڌيڪ وڌي رھي آھي.ان جو نتيجو اھو نڪري رھيو آھي تھ عام ماڻھو گھڻو متاثر ٿي رھيو آھي.ھي ملڪ جيڪو وڏي سياسي جدوجھد سان حاصل ٿيو ھو اتي ھن وقت بحرانن مٿان بحران جاري آھي.سياسي قوتون عوام جي ڀلائي لاءِ ڪا بھ اھڙي حڪمت عملي يا پروگرام تيار نھ پيا ڪن جن سان اھو لڳي تھ عوام جا مسئلا اڄ يا سڀاڻ حل ٿي سگھندا.
ورھاڱي کان اڳ انگريزن 1843ع ۾ سموري سنڌ تي قبضو ڪري ان کي بمبئي پريزيڊنسي جي ماتحت ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري مقامي ماڻهن جي ڏکن ڏاکڙن ۽ اهنجن ۾ اضافو ٿيو، ان وقت سنڌ اندر مذهبي طور تي هندو ۽ مسلمان گڏ رهندا هئا پر سنڌ جي انتظامي معاملن ۾ هندوئن جو هٿ بنهه گهٽ هو ۽ ملڪي وهنوار جي واڳ مسلمانن وٽ هئي. انگريزن جي قبضي کانپوءِ سنڌ جي رواجي زندگيءَ متاثر ٿي خاص ڪري تعليمي، سماجي ۽ انتظامي معاملن ۾ سنڌ جي حقيقي نمائندن کي نظرانداز ڪيو ويو، جنهن سان محرومي جو احساس پيدا ٿيو ھو.
جيتوڻيڪ انگريزن سماجي جوڙجڪ کي منظم ڪرڻ سان گڏوگڏ مقامي ماڻهن جي ٻڌي کي ٽوڙڻ، مذهبن ۽ نظرين جي بنيادن تي خطي جي ماڻهن ۾ ويڇن جي ڄار کي ڪاريگريءَ سان وڇائي وڙهائڻ ۽ حڪمراني ڪرڻ واري فارمولي کي لاڳو ڪيو.هندستان جي مسلمانن ۾ ”خلافت تحريڪ“ شايد هڪ اهڙي تحريڪ هئي جنهن ۾ هڪ ئي وقت هندو توڙي مسلمان گڏ هئا ۽ اها سياسي شعور جي وڏي اڀار هئي خلافت تحريڪ ئي مسلمانن لاءِ هڪ جدا اسلامي رياست واسطي جدوجهد جو بنياد رکيو. خلافت تحريڪ دراصل خلافت عثمانيه کي بچائڻ جي لاءِ شروع ٿيل تحريڪ هئي جنهن دوران ئي انگريزن خلاف منظم هلچل جو پايو پيو ۽ نيٺ انگريز کي هندستان ڇڏڻو پيو.
ٻين علائقن وانگر سنڌ جي علائقي ۾ پڻ خلافت تحريڪ وڏو زور ورتو ۽ ماڻهو وڏي انگ ۾ ان تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا، ان تسلسل ۾ ”هندستان مان هجرت“ واري به هڪ مهم هلي جنهن ۾ ڪيترائي مذهبي عالم ۽ اڳواڻ هندستان ڇڏي افغانستان ويا ۽ اتي خلافت تحريڪ ۾ حصو وٺي رهيا هئا. سنڌ مان به ان دور ۾ ڪافي اڳواڻ لڏپلاڻ ڪري افغانستان هليا ويا. تن ڏينهن ۾ اڪثر سياسي سوچن جو رخ مليل جليل هو. خلافت تحريڪ، آل انڊيا مسلم ليگ ۽ آل انڊيا ڪانگريس جا هڪ ٻئي سان تمام سٺا سياسي لاڳاپو ۽ تعلق رهيو.
ڪافي محقق ان خيال جا آهن ته سنڌ جي بمبئي کان علحدگي واري جدوجهد ئي ننڍي کنڊ ۾ مسلم قومپرستي ۽ پاڪستان جي قيام جو بنيادوڌا. ڇاڪاڻ جو سنڌ جي بمبئي کان جدا ٿيڻ کانپوءِ هندوئن ۽ مسلمانن وچ ۾ اختلاف وڌيا ۽ انهن ۾ شدت آئي. ايتري تائين جو جن ڳالهين کي بمبئي کان علحدگي جو بنياد بڻايو ويو هو انهن جي ڪري ئي ڏکايون پئدا ٿيون. جهڙوڪ اقليتن جي حقن جي لاءِ گورنر جا صوابديدي اختيار وڌايا ويا هئا. جنهن سنڌ صوبي ۾ هندوئن کي سندن تعداد جي حساب سان وڌيڪ يعني 25 سيٽون ڏنيون جڏهن ته وڌيڪ آبادي هئڻ باوجود مسلمانن کي صرف 35 سيٽون ڏنيون ويون.
1938ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ مسلم ليگ جي هڪ اهم ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن جي صدارت قائداعظم محمد علي جناح ڪئي. ان ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو سنڌ صوبي جي اڳواڻن هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو، جنهن ۾ اهو مطالبو ڪيو ويو ته جن صوبن ۾ مسلمان آبادي اڪثريت ۾ آهي اهي مسلمانن حوالي ڪيا وڃن. تاريخي طور تي اهو پهريون ڀيرو هو جو مسلم ليگ جي ڪنهن صوبائي سطح جي تنظيم مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا وطن جي گهر ڪئي هئي. اهڙي ٺهراءُ کانپوءِ ئي مسلمانن لاءِ هڪ جدا ۽ خودمختيار رياست جي قيام وارو خيال وڌيڪ پڪو پختو ۽ منظم ٿيو. ان کانپوءِ 23 مارچ 1943ع تي لاهور ۾ مسلم ليگ (مرڪز) جي هڪ اهم اجلاس دوران مسلمانن لاءِ هڪ جدا رياست جي قيام جي قرارداد منظور ٿي.جنهن کي ”قرارداد پاڪستان“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
نئين ملڪ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊيل اسيمبلين ۾ سنڌ اسيمبلي اها پهرين اسيمبلي هئي جنهن هڪ خصوصي اجلاس طلب ڪري پاڪستان جي حق ۾ فيصلو ڏنو. جيتوڻيڪ سنڌ ملڪ جي لاءِ گھڻي جدوجھد ڪئي پر موٽ ۾ سنڌ کي اھو ڪجھه نھ ملي سگھيو جيڪو ملڻ گھرجي ھا.
ملڪ جي بحرانن ۾ ورتل ھئڻ ڪري عوام خاص ڪري سنڌ جو عوام گھڻو ڀوڳي رھيو آھي.وقت جي سياستدانن کي گھرجي تھ ملڪ کي موجوده بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ اڳتي اچن. سياست ممڪنات جو نالو آھي.اڳواڻ يا رھنما اھو ھوندو آھي جيڪو ملڪ کي بحران مان ٻاھر ڪڍي اھو ڪم جيڪو بھ ڪندو عوام ان سان گڏ ھوندو، ساڳئي وقت ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي ھاڻي اھو احساس ٿيڻ گھرجي تھ اھا حقيقي ۽ عملي طور تي سياستدانن کي ميدان ڏئي جئين ملڪ اڳتي وک کڻي سگھي.