ميهڙ ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، پوليس مقابلو، هڪ اهلڪار شهيد، جوابدار مارجي ويو

ميھڙ/دادو (نمائندن وٽان ) ميھڙ  جي ڪاسائي پاڙي ۾ گذريل رات دير سان کوسا ۽ ڪمانگر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان ھٿياربندن ڪاسائي محلا ميھڙ م شھري غلام رسول ڪمانگر جي گھر تي  ڪاھ ڪري حملي جي ڪوشش ڪئي . جوابدارن ھٿيارن. جي زور تي غلام رسول جي گھر ۾ گھڙي عورتن تي تشدد ڪيو جنھن دوران شھرين ۽ پاڙيوارن ون فائيو پوليس کي فون ڪري جوابدارن جي فائرنگ ۽ گھر ۾ گھڙڻ جو اطلاع ڏنو . اطلاع تي ون فائيو پوليس جا جوان پھتا ته جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنھن دوران گولي لڳڻ سبب ون فائيو سينٽر تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس  جمعدار ذولفقار علي ترڪ زخمي ٿي پيو . جيڪو اسپتال نئيندي رستي ۾ زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويو . واقعي بعد وڏي تعداد ۾ پوليس نفري طلب ڪري جوابدارن جو پيچو ڪيو ويو ، ڀٽي روڊ تي پوليس ۽ ھٿياربندن جي وچ ۾ مقابلي دوران سي آ۽ اي اھلڪار صدام حسين ڪلھوڙو زخمي ٿي پيو جنھن کي تعلقي اسپتال ميھڙ مان طبي امداد بعد کيس لاڙڪاڻي نيو ويو.  ھوڏانھن ميھڙ جي بي سيڪشن ، ون فائيو ۽ سي آءِ  پوليس جي ميھڙ ڀٽي روڊ تي ڳوٺ خيرو ڀٽي ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  ويل پوليس ۽ جوابدارن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ميھڙ پوليس پاران ھڪ جوابدار 30 ورھين جي نادر کوسو کي مارڻ جي دعوي ڪئي وئي آھي ، جڏھن ته پوليس واقعي ۾ ملوث وڌيڪ پنج جوابدارن کي به گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي، شھيد پوليس اھلڪار ذوالفقار ترڪ جو لاش پوسٽ مارٽم بعد ميھڙ جي بسم الله ڪالوني آندو ويو جڏھن ته لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو شھيد ٿي ويل پوليس اھلڪار ذوالفقار علي ترڪ جي جنازه نماز ميھڙ جي مرڪزي عيد گاه ميھڙ ۾ ادا ڪئي وئي ، جنازي نماز  ۾ ڊي آءِ  جي حيدرآباد طارق حسين ڌاريجو ،ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائر امير سعود مگسي سميت وڏي تعداد ۾  پوليس عملدارن ، شهرين ، سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد شھيد پوليس اھلڪار کي ميھڙ جي رجب دايو قبرستان ۾ مٽي ماءُ  حوالي ڪيو ويو ۽ پوليس پاران گارڊ آف آنر ۽ سلامي پڻ پيش ڪئي وئي . ان موقعي تي ڊي آءِ جي حيدرآباد چيو آهي ته 3  کان 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ پوليس هٿيار به هٿ ڪيا آهن پوليس جي ڪوشش آهي تي پوليس تي حملو ڪندڙ سمورا جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا ، ھن چيو ته شهيد پوليس اهلڪار کي پورو شهيد پئڪيج ڏنو ويندو ان جي خاندان جو خيال ڪيو ويندو ان جي خاندان کي پئڪيج ڏيڻ پوليس کاتي جي ذميواري آهي اهو کين ضرور ڏنو ويندو. هوڏانهن  واقعي جو ڪيس ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت تحت داخل ڪيو ويو آهي ، ڪيس ۾ ون فائيو انچارج سوڍل سولنگي جي فرياد تي 3 جوابدار ڀائر عمران ، حبدار ۽ مارجي ويل نادر کوسو خلاف داخل ڪيو ويو آهي،  پوليس تي حملي ۾ ملوث مک جوابدار نادر کوسو جي مارجي وڃڻ واري واقعي جو ڪيس به سرڪار پاران ايس ايڇ او بي سيڪشن قربان علي قمبراڻي جي فرياد تي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار نادر کوسو سميت دلبر عرف حبدار ، عمران ، امداد ، غلام نبي ، صالح ۽ 5 نامعلوم ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.