حسينا واجد جو آمريڪا تي حڪومت ڪيرائڻ جو الزام

تحرير: خدابخش بروھي

بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم حسينه واجد جنهن شاگرد احتجاجي تحريڪ جي نتيجي ۾ استعيفيٰ ڏئي ڀارت فرار ٿي وئي هئي، ان بيان ڏيندي چيو آهي ته منهنجي حڪومت ڪيرائڻ ۾ آمريڪا جو هٿ آهي. ميڊيا موجب هن چيو ته سينٽ مارٽن ٻيٽ آمريڪا کي نه ڏيڻ سبب سندس حڪومت کي ڪيرايو  ويو، جيڪڏهن مان استعيفيٰ نه ڏيان ها ته وڏي خونريزي جو امڪان هو، ان ڪري استعيفا ڏيئي ڇڏيم سندس الزام اھو به آھي ته ھن  استعيفيٰ ڏيڻ کان اڳ تقرير ڪري قوم کي اصل حقيقت ٻڌائڻ ٿي چاھي پر کيس موقعو نه ڏنو يو، ڇاڪاڻ ته مڇريل مظاهرين سندس گهر پهچي ويا هئا ۽ ملڪ جي فوجي  آفيسرن کيس  جلد نڪري  وڃڻ جو مشورو ڏنو هو.

شيخ حسينا آمريڪا تي الزام لڳايوآھي ته  هن شاگرد تحريڪ ذريعي حڪومت تبديل ڪرڻ جي سازش ڪرائي آھي ۽ مظاهرين جي حوالي سان شيخ حسينا دعويٰ ڪئي آهي ته بنگلاديش ۾ حڪومت تبديل ڪرڻ جي سازش جو اصل مقصد ھي آھي ميانمار جي ڪجهه علائقن کي ضم ڪري هڪ نئون ”عيسائي ملڪ“ ٺاھڻو آھي  جنهن لاءِ آمريڪا سينٽ مارٽن ٻيٽ کي پنهنجو ايئربيس ٺاهڻ لاءِ چيو هو، پر مون ملڪ جي خودمختياري کي داءُ تي نه لڳايو ۽ اهو ٻيٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جيڪڏهن آئون ڪنهن خاص ملڪ کي بنگلاديش ۾ ايئر بيس ٺاهڻ جي اجازت ڏيان ها ته منهنجي حڪومت کي ڪو مسئلو نه هجي ها، سينٽ مارٽن ٻيٽ جي ايراضي ڪيتري آھي انھي حاصل ڪري آمريڪا ڪھڙو مقصد حاصل ڪرڻ چاھي ٿو؟  خبرمطابق اهو صرف 3 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ اهو اتر اوڀر ۾ واقع آهي پر ان جي اھميت اھا آھي آمريڪا کي چائنا کي سبق سيکارڻ ۽ تائيوان سميت ٻين امريڪي اشاري تي ھلندڙ ملڪن کي ترت مدد فراھم ڪرڻ لاءِ اھو ٻيٽ موزون آھي،  حسينه واجد پنهنجي تقرير ۾ استعيفيٰ ڏيڻ ۽ ملڪ ڇڏڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو، چئي ٿي ته جيڪڏهن مان ائين نه ڪريان ھا ته ملڪ ۾ وڌيڪ خونريزي ٿئي ھا ساڳي وقت بنگالي عوام کي چوي ٿي ته اميد رکو جلد واپس ايندس،

ڏٺو وڃي ته  1971ع ۾ ڍاڪا ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾  پاڪستاني فوج جي حمايتن کي نفرت وچان رضاڪار سڏ يو ويو هو جيڪو لفظ حسينا تازو ورجايو ھو جنھن   تي شاگردن   سخت ردعمل ظاهر ڪيو. بھرحال  ٻئي طرف بنگلاديش جي عبوري حڪومت حسينه واجد کي واپس گھرائي مٿس ڪيس ھلائڻ گھري ٿي  پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڊيموڪريٽڪ سينيٽر ۽ فارين رليشنز ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر وان هولن چيو آهي ته بنگلاديش جي انهن اڳواڻن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي جن هن وحشياڻي ڪارروائي جي منصوبابندي ڪئي

ڪرونا جي وبا شروع ٿيڻ کان وٺي بنگلاديش ۾ روزگار جا مسئلا ضرور آھن ملڪ معاشي ڪمزور به ٿي ويو آھي پر ماضي قريب ۾  ھي طوفانن جي زد ۾ ايندڙ ملڪ جنھن تيزي سان معاشي ترقي ڪئي ھئي ان جو  وڏو ڪارڻ اھو ته ھڪ ته بنگال جو ماڻھو وڏي تعداد ٻاھرين ملڪن مان پئسو ڪمائي پنھنجي ملڪ اماڻيندو رھيو آھي ٻي وڏي ڳالھه ھن ملڪ جو ٽيڪس نه  ھجڻ برابر آھي  جنھن جي  ڪري دنيا جي سيڙپ ڪارن بنگال ۾ انڊسٽريون لڳايون  تنھن ڪري روزگار جا سٺا موقعا موجود ٿيل ھئا پر تازي معاشي بحران پنھنجا نوازي  تي ملڪ جي وزير اعظم کي استعيفا ڏئي ملڪ ڇڏي وڃڻ تي مجبورڪيو پر حسينه جو  تازو ڏنل بيان بنگال جي سياست جو رخ موڙي  ان جا  اصل ڪارڻ دنيا عالم اڳيان آندا آھن ته ھي سڀ ڪجھه  آمريڪا جي اشاري تي ٿيو آھي.

تنھن بيان  ڪيئي سوال اٿاري ڇڏيا آھن پر حسينا کي به پنھنجي غلطين کي تسليم ڪرڻ گھرجي ليگ وارن بنگلاديش جي آزادي کان پوءِ تحريڪ جي مخالفن تي سختيون ڪيون پر حسينا واجد جي پوئين دور ۾ انھن ۾ ڪجھه شدت آئي. آزادي جي تحريڪ جي  نالي وارن مخالفن تي اٽڪل پنجاھ سالن کانپوءِ ڪيس ھلائي ڦاسي تي چاڙھيو ويو،  اسي سالن جي عمر جي. ماڻھن کي انتقام کان آجو نه ڪيو ويو حسينا واجد جي اھڙي  عمل  سزا کاڌل ماڻھن جي جماعت ۽ انھن جي مٽن مائٽن جا به  حڪومت مخالف جذبات اڀاريا،  واجد کي گھرجي ھا ھوءَ نيلسن منڊيلا وانگر ماضي کي وساري اڳتي جو سوچي ھا پر سڀ کان وڏو جواز اھو ٿيو ته بنگلاديش جي آزادي کان پوءِ ويڙھاڪن جي ٻارن کي سرڪاري نوڪرين ۾ 30 سيڪڙو ڪوٽا ڏني ٿي وئي  ان سان گڏ ڪن ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻھن جي ٻارن لاءِ مخصوص ڪوٽا رکيل ھئي ٻئي پاسي  ڊگريون وٺي نوڪري تلاش ڪندڙ نوجوانن کي مايوس ڪيو ويو انھن ۾  بي چيني پيدا ٿيندي رھي، ڇاڪاڻ ته انھن کان گھٽ قابليت وارن کي ڪوٽا تحت  ترجيح  ڏني ٿي وئي اھائي انھن جي ڪاوڙ احتجاجن جو سسب بڻيو پر ٿورو وقت اڳ بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ ۽ حسينا واجد ڪوٽا کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو پر مطالبي پوري ٿيڻ جي باوجود شاگرد طبقو ان مطالبي جي نالي ۾ ھن احتجاج جو سرگرم حصو ڇو رھيو، سو پنھنجي جاءِ تي اھم سوال آھي ان ڪري ڪنھن حد تائين حسينا جي ان تازي بيان کي رد نٿو ڪري سگھجي بنگلاديش ۾ تازي بغاوت جا مٿيان بيان ڪيل ڪارڻ مقامي مسئلن ۽ اڳواڻن جي محدود سياسي سوچ آھي پر ان کي وجودہ حسينه واجد جي بيان ۽ عالمي مفادن جي تناظرن   جي پس منظر ۾ ڏسجي ان جو مقصد صاف ظاھر ٿئي ٿو اتي انڊيا جا پاڪستان جي ايجنسين تي بنگال جي حڪومت کي ڪيرائڻ وارا سازشي بيان دم ٽوڙي وڃن ٿا اھو سڀ ڪجهھ تڏھن ممڪن ٿئي ٿو جڏھن علائقائي ۽ عالمي قوتن جي ان ملڪ جي تحريڪن کي اندروني مدد  ملي ٿي. اڳ تيار ٿيل يا ڪيل ماحول تيلي ڏيڻي  ھوندي  آھي. اڪثر ڪري بغاوت جي ظاھري ڪارڻ بجاءِ ڪو ٻيو مقصد ھوندو آھي، جنھن جي حقيقي خبر وقت گذرڻ کان پوءِ پوندي آھي ان جي سببن جو فقط اندازو لڳائي سگھجي ٿو.

حسينه واجد جي پاليسين کي ڏسنداسين ته ھن جي ۽ مودي جي پالسين ۾ بظاھر  ڪو فرق ناھي  ھڪ طرف ھوءَ ھندستان سان سٺا لاڳاپا رکيو پئي آئي ته  ٻئي طرف ھن چين سان “ھڪ روڊ – ھڪ بيلٽ” واري چين جي عالمي منصوبي ۾ به شرڪت ڪئي ھئي، جيڪا آمريڪي سرڪار کي پسند ڪانه  ان جي باوجود  بنگال سمنڊ ۾ سينٽ مارٽن   ٻيٽ جي آمريڪا کي ضرورت ھئي  ان ڪري آمريڪا ماٺ ھو  ٻيٽ تي آمريڪا فوجي اڏو ٺاھڻ چاھي ٿو، جيڪو  علائقي تي فوجي بالادستي قائم ڪرڻ ۾ اھميت رکي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.