ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعليمي ميدان ۾ پاڻ مڃائڻو آهي

تحرير: ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي

جيئن اسان جي وڏڙن اڻٿڪ محنتن سان هن ملڪ جو قيام عمل ۾ آندو اهڙي ئي طريقي سان اسان کي هن ملڪ جي حفاظت ڪرڻي آهي. 14 آگسٽ جو ڏينهن تحريڪ آزادي جي شهيدن ۽ پاڪستان جي بانين جي اڻٿڪ جدوجهد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، هن ملڪ جي بنيادن ۾ لکين شهيدن جو رت ۽ پاڪستان جي بانين جي اڻٿڪ جدوجهد شامل آهي. وڏڙن جي ان امانت جي حفاظت ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي ذميواري اسان سڀني تي آهي.قائداعظم محمد علي جناح هڪ جمهوري، خوشحال ۽ پرامن ملڪ جو خواب ڏٺو هو جتي سڀني کي برابر حق ۽ انصاف ميسر هجي ۽ دنيا جي لاءِ هڪ بهترين مثال هجي.

1947ع کان ويندي اڄ تائين گذريل سالن دوران ٽي لفظ اهڙا آهن جن کي ٻڌڻ شرط لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. هڪڙو لفظ ”محبت“ ٻيو ”صوفي“ ۽ ٽيون ”مني پاڪستان“. محبت جو لفظ ٻڌي اسان انگريزن جي دور  ۾ سنڌ اسيمبليءَ کان پاڪستان ٺاهڻ جو ٺهراءُ منظور ڪرايو. اسان 1940ع واري قرارداد تي به ايمان آندو جنهن تحت اهو يقين ڏياريو ويو هو ته پاڪستان جا سمورا صوبا خودمختيار ۽ اسٽيٽ جو درجو رکندا. پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ جي سمورن اقتصادي وسيلن، صنعتن، ڪاروبار ۽ روزگار تي ڌاريا قابض ٿي ويا

. سنڌين کي ”صوفي“ هئڻ جو درجو ڏئي اهو چيو ويو ته هو مونن ۾ منهن وجهي غربت ساڻ زندگي گذارين. پاڪستان ٺهڻ شرط لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا بدران ڪراچيءَ کي ” مني پاڪستان“ ٺاهيو ويو . ڏسندي ئي ڏسندي لکن جي تعداد ۾ پنجاب، اڳوڻڪي سرحد، فاٽا، آزاد ڪشمير ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن مان ڌاريان سنڌ ڏانهن ڪاهي آيا. انهن کي ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ هزارين وڏا ڪارخانا هڻڻ جا لائسنس ۽ بئنڪن طرفان وڏا قرض ڏنا ويا. اهڙي طرح هو نه فقط وڏين صنعتن جا مالڪ بڻجي ويا بلڪ سنڌ جي سموري ڪاروبار تي به ڇائنجي ويا. سنڌ جون نوي(90) فيصد نوڪريون به ٻين صوبن کان آيل ماڻهن کي ڏنيون ويون. سنڌي ڳالهائيندڙ اهو تماشو ڏسندا رهيا. سنڌ ۾ ڌارين جيڪي هزارين ڪارخانا هنيا انهن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ لکن جي تعداد ۾ مزدور ٻين صوبن مان گهرايا ويا. سنڌي انهن ڌارين کي اهو عرض ڪندا رهيا ته اوهان سنڌ ۾ هٿين خالي آيا، اڄ ڪارخانن جا مالڪ ٿيا آهيو، اسان کي گهٽ ۾ گهٽ پاڻ وٽ ” نوڪر“ ته رکو پر هو ايتري ڳالهه به مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيا. پاڪستان ٺهندي اڃا ڏهه سال مس گذريا هئا ته علامه اقبال جي پر اسرار بندن 1958ع ۾ جنرل ايوب خان جي سربراهي هيٺ مارشل لا هڻي ملڪ تي قبضو ڪري ورتو. پوءِ جنرل ايوب خان پاڪستان جا ٽي درياءَ هندستان کي وڪڻي ڇڏيا. نتيجي طور پنجاب ”دو آب“ بڻجي ويو. ساڳئي وقت فوجي حاڪمن مشرقي پاڪستان، سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جا حق مارڻ لاءِ ”ون يونٽ“ نافذ ڪيو جنهن تحت سنڌ جو تاريخي نالو ختم ڪري پوسٽ وارن کي حڪم ڏنو ويو ته جيڪو شخص حيدرآباد سنڌ يا لاڙڪاڻو سنڌ لکي ته اهڙا خط ساڙيا وڃن. هنن سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي خوفناڪ فيصلا ڪيا.

جيئن ته ايوب خان جو تعلق صوبي سرحد سان هو  ان ڪري اتي جي ذري گهٽ اڌ آباديءَ کي سنڌ ڏانهن منتقل ڪري، کين هتي روزگار ڏنو ويو . بلوچستان ۾ جن اڳواڻن حق گهرڻ جي ڳالهه ڪئي، انهن مان ڪيترن کي سندن اولاد سميت ڦاهيون ڏنيون ويون. مشرقي پاڪستان سان اهڙو حشر ڪيائون جو هو 1970ع ۾ ڌار ٿي پاڪستان کان جان ڇڏائي ويا. فوجي آمرن پاڪستان تي 33 سالن کان وڌيڪ حڪومت ڪئي. ان عرصي دوران سنڌ جون اڌو اڌ زمينون ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڀڳڙن مٺ تي الاٽ ڪيون ويو.

ايتري قدر جو فوجي آفيسرن ۽ رانديگرن کي به هزارين ايڪڙ سنڌ جي زمين ڏني وئي. هڪ ڀيري جڏهن پاڪستان جي ٽيم هارايو ته سنڌ جي عظيم ڏاهي غلام مصطفيٰ شاهه خوشيءَ جو اظهار ڪندي سنڌين کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيائين ته جيڪر پاڪستان جي ٽيم کٽي ها ته کين سنڌ جي زمين تحفي ۾ ڏني وڃي ها. هن وقت حالت اها آهي جو چار ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ٻين صوبن ۽ مختلف ملڪن جا ماڻهو سنڌ ۾ آباد ٿي ويا آهن. اهي سنڌ جي مڪمل اڪانامي ۽ روزگار جي وسيلن تي قابض آهن. اسان جي محبت ۽ صوفي هئڻ جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اڄ سنڌ جو هر ماڻهو خطري هيٺ آهي. ڪڏهن ڪير ماريو ويندو، ان جي خبر نٿي پوي. لکن جي تعداد ۾ خيبر پختون، فاٽا ۽ افغانستان کان آيل ماڻهن ۾ اهڙا عنصر موجود آهن جيڪي ڪراچيءَ ۾ ويهي بم ٺاهين ٿا، اسان کي مارين ٿا، اسان جا ٻار محفوظ حالت ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ڏانهن وڃي نٿا سگهن. محبت جي فلسفي سبب اسان اهو به نٿا چئي سگهون ته سنڌ ڏانهن ڌارين جي لڏ پلاڻ کي روڪيو وڃي ۽ جيڪي سنڌ ۾ بم ٺاهين ٿا اهي سنڌ خالي ڪري وڃن. آخر ۾ آئون وضاحت ڪرڻ گهران ٿو ته هي سنڌ ڌرتي فقط اسان ٻن ڀائرن جي آهي. باقي جن ڌارين اسان کي بک مارڻ لاءِ سنڌ جي اڪانامي، پيداواري وسيلن ۽ روزگار تي قبضو ڪيو آهي، ان جو ڪو تدارڪ ٿيڻ گهرجي.

اڄ جي ڏينهن اسان انگريزن کان آزادي حاصل ڪئي هئي، ۽ اسان لا۽ الڳ ملڪ پاڪستان اسلام جي نالي تي ٺهيو. جتي اسين پنهجن ريتن رسمن ۽ اسلام مطابق آزادي سان زندگي گذارڻ لاءِ آزاد آهيون. 14 آگسٽ جو ڏينهن تحريڪ آزادي جي شهيدن ۽ پاڪستان جي بانين جي اڻٿڪ جدوجهد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، هن ملڪ جي بنيادن ۾ لکين شهيدن جو رت ۽ پاڪستان جي بانين جي اڻٿڪ جدوجهد شامل آهي. اڄ جو ڏينهن اسان کي وچن ڪرڻو پوندو ته هن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آھي ۽ تعليمي ميدان ۾ پاڻ مڃائڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.