جيڪڏھن توھان چاھيو تھ اڄ جي ڪالم جي شروعات ڏسڻ کان پوءِ اڳتي پڙھڻ کان پاسو ڪري سگھو ٿا. سبب ان جو ھي آهي ته سپريم ڪورٽ جي آڪٽومبر ۾ متوقع چيف جسٽس صاحب جي ان ”پيغام“ تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪوآهيان، جيڪو هن اسلام آباد ۾ ٿيل هڪ تقريب کي خطاب دوران ڏنو هو. هن جو ارشاد آھي ته سپريم ڪورٽ جي هر حڪم کي مڃڻ آئين جي تقاضا آهي.آئين جي برقرار رھندي اعليٰ ترين عدليه جي حڪمن تي عملدرآمد کان بچڻ جي ڪا گنجائش ئي موجود ناهي . ھن جي ڏنل پيغام تي غور ڪندي جيتوڻيڪ مون کي اھو خيال ستائڻ لڳو تھ عمر عطا بنديال صاحب جي نگھباني ۾ سپريم ڪورٽ جي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلين جي چونڊن لاءِ 14 مئي 2023ع جي تاريخ بھ مقرر ڪري ڇڏي هئي.پر اھا اليڪشن وقت تي نه ٿي سگهي. انهن ٻن اسيمبلين جي لاءِ بھ پولنگ 8 فيبروري 2024 تي ئي ٿي. مون کي ياد نٿو پئي ته سپريم ڪورٽ جي جن 8 معزز جج صاحبن تازو ئي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ عورتن ۽ غير مسلم پاڪستانين جي لاءِ مخصوص سيٽن بابت جيڪو فيصلو ٻڌايو ھو، انهن مان ڪيترن جج صاحبن 14 مئي واري فيصلي تي عمل نه ٿيڻ تي ڳڻتي ۾ رھيا ۽ اھڙي ڳڻتي جو اظھار عوام جي روبرو بھ ڪري ڇڏيو.
اهو سوال اٿارڻ کان پوءِ مٿين موضوع کان ان ڪري بھ ڪني ڪترائڻ چاهيان ٿو ڇو ته اڃان تائين 8 رڪني ججن جو تفصيلي فيصلو اسان جي سامهون ناهي آيو.عزت ماب جسٽس منصور علي شاهه صاحب جيڪا گفتگو ڪئي، ان اشارو ڏنو تھ تفصيلي فيصلو شايد اونهاري جي موڪلن گذري وڃڻ کانپوءِ ئي سامهون ايندو.سادن لفظن ۾ اسان کي سيپٽمبر جي وچ تائين جو انتظار ڪرڻو پوندو. مٿين حقيقت کي ذهن ۾ رکڻ کان سواءِ، بھرحال ٽي وي اسڪرينن ۽ يوٽيوب چينلن جي مهرباني سان اسان جي ذهن سازي جي مشقت کڻندڙ مھربان عزت ماب منصور علي شاهه صاحب جي بيان تي تبصرا ڪرڻ شروع ٿي ويا آهن. ذهنيت ٺاھيندڙن جي خاصي وڏي اڪثريت پنهنجن تبصرن ذريعي شهباز حڪومت جي ”مشتري هوشيار باش“ جي صدا بلند ڪندي ۽ ان محاوري جيان ”ترا“ ڪڍي رهي آهي.
شهباز حڪومت کي ڊيڄارڻ کانسواءِ منهنجي ذهن ۾ اچي رھيو آھي ان کي چستي سان بيان ڪرڻ جي، ڄائي ڄم کان مون جھڙي بزدل ۾ ھمٿ نھ آھي.گھبرائيل دل کي تسلي ڏيڻ جي لاءِ پاڻ کي ياد ڏياري رھيو آھيان تھ اعليٰ ترين عدالت ۽ حڪومت وچ ۾ ڇڪتاڻ جو ٻيو رائونڊ گرمين جي موڪلن ختم ٿيڻ بعد شروع ٿيندو.ان جي باري ۾ سوچيندي هاڻي ئي پريشانيءَ ڇو کڻون. جيڪو ڪجھه ٿيڻو آھي سو ٿيندو، اھو رويو اختيار ڪندي ڇو نھ سيپٽمبر جي وچ تائين انتظار ڪيو وڃي؟
اھم معاملن بابت ڪجھه ڄاڻڻ ۽ گھڻو ڪجهھ نھ ڄاڻڻ جي ڪري تبصري نھ ڪرڻ يا تبصري ملتوي ڪرڻ واري پنھنجي اختيار ڪيل عادت کان بيزار ٿيندي ئي مون توهان کي ڪيترائي ڀيرا ٻڌايو آهي ته مان هن ڪالم جو عنوان تبديل ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇاڪاڻ تھ بروقت دل جي ڳالھه چوڻ جي گنجائش ھاڻي ”صحافت“ ۾ باقي نھ رھي آھي. هن ڪالم لاءِ منهنجي ذهن ۾ جيڪي متبادل عنوان آيا، اهي ھڪ لفظي نھ پر ھڪ سطري ھئا. مناسب عنوان ڳولڻ ۾ ناڪام رھيس.پنھنجي ناڪامي کي هن ڪالم ۾ بيان ڪري ڇڏيو.ان کي پڙهي ڪري سينيٽر عرفان صديقي مدد لاءِ آيو. استادن لاءِ مخصوص شفقت سان مون کي پيغام موڪليو. ڪليدي حڪم اھو ھو تھ تعريف ۽ انعام جي خواهش کان سواءِ لکندو رھ. تنهن هوندي به منھنجي ان خيال سان متفق ٿيندي ٻڌو ويو ته اڄ ڪلهه دل جي ڳالهه ڪرڻ جي ڪا به گنجائش باقي نه رهي آهي. ”البتھ “ ”ٻڌڻ ۾ اچڻ“ جو استعمال مون ان ڪري ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته پنهنجي دل جي ڳالهه ڪرڻ کانسواءِ ھن تجويز ڏني ته ڪالم جو عنوان ”زير لب“ ٿي سگهي ٿو. هي لفظ پڙهندي ئي دل جي اونهائي مان واهه جو اظهار منهنجي چپن تي تري آيو. پوءِ خيال آيو ته في الحال ”برملا“ جي عنوان هيٺ ڪالم جاري رھي. اميد تي دنيا قائم آھي، شايد تڪڙو بھار بھ نصيب ٿي وڃي. محترم استاد جي شفقت جو دل جي گھرائي سان ٿورائتو آهيان.
هن سال جي سيپٽمبر جي ” ستم گر“ ھئڻ جي خيال سان ڪني ڪترائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس ته ذھن ۾محمود خان اچڪزئي جو بيان ڪيل ھڪ خيال اڀري آيو. اچڪزئي صاحب سان 1990ع کان قومي اسيمبليءَ جي ڪارروائيءَ تي ڪالم لکڻ سان ٿيل واقفيت گڏيل احترام جي رشتي ۾ بدلجي وئي ھئي. هن جي مهرباني سان نائين اليون بعد افغانستان تي ٿيل آمريڪي حملي ۾چمن ۾پاڪ – افغان سرحد تي موجود رھندي رپورٽ ڪرڻ جي قابل ٿيو ھوس. اتي رهڻ دوران منھنجي حامد ڪرزئي سان ڪوئيٽا ۾ ھڪ تفصيلي ملاقات به ٿي. هن سان اها ڳالهه ٻولهه هن جي افغانستان وڃڻ کان اڳ هڪ صحافي سان سندس آخري ملاقات هئي. ان وقت جي ماحول ۾ مون سان ٿيل اها گفتگو عالمي ميڊيا ۾ وڏي پئماني تي رپورٽ ٿي.منھنجو رعب وڌي ويو.
اچڪزئي صاحب جي احسانن کي في الحال وساري، اصل موضوع ڏانهن موٽڻ ٿو چاهيان. صحافين سان ڳالهائيندي هن مشورو ڏنو ته شهباز حڪومت مستعيفي ٿي وڃي. ان جي جاءِ تي شاهد خاقان عباسي کي (شايد) عبوري نظر ايندڙ قومي حڪومت جو سربراهه بڻايو وڃي. تجويز ڪيل حڪومت جو قيام عمل ۾ اچي وڃي ته وسيع تر قومي مفاد ۾ سڀني سياسي ڌرين جي وچ ۾ جامع ڳالهين جو ماحول بڻائي.ماضي جون تلخيون وساري کليل دل سان ڳالهيون اھڙي نئين چونڊ جي بندوبست کي يقيني بڻائي سگهن ٿيون، جيڪو سڀني ڌرين لاءِ قبولڻ جوڳو هوندو.
شاهد خاقان عباسي سان گڏ هڪ ڀيرو ھن مصطفيٰ نواز کوکر جو نالو پڻ تجويز ڪيو آهي. هن نوجوان سال سياستدان جو مون کي ”وڏي ليگ“ ۾ شامل ٿيڻ مون کي سٺو لڳو. پنهنجي والد مرحوم جي ڪري مون کي تمام گهڻو پيارو آهي. اهي ٻئي نالا ٻڌڻ سان ئي مون کي انهن بي شمار ماڻهن جا طعنا ياد اچي ويا جيڪي مون کي شاهد خاقان عباسي ۽ مصطفيٰ نواز کوکر جي ويجهو سمجهن ٿا. ڪيترا ئي ماڻهون مون کي انھن سان بي تڪلفي جي ڪري ان شڪ ۾ رھن ٿا تھ هو ۽ مان ڄڻ انھن ٻنھي کي ڪجهھ ”نئون“ ڪم ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائي رهيا آهيون، بهرحال سياستدانن کي صلاحون ڏيڻ منهنجي عادت ناهي. مون کي گهڻي وقت کان خبر آهي ته هر ننڍو وڏو سياستدان پنهنجي راند پاڻ کيڏندو آهي. مون کي انھن جي لاءِ قلم کي رڳڙڻ جي ضرورت ناهي. اسلام آباد جي سڌ سماءَ وارن حلقن ۾ اِها ڳالهه گردش ڪندي رهي آھي ته مسلم ليگ ن کان جدا ٿي ڪري شاهد خاقان عباسي نئين پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو” ُانھن “ جي زور تي ڪيو آهي. پر مصطفيٰ نواز کوکر سندس پارٽي جو حصو نه بڻيو آهي. بھرحال منهنجي محترم ڀاءُ اچڪزئي صاحب شاهد خاقان عباسي جو نالو تجويز ڪندي انھن افواھن ۽ وسوسن کي اعتبارجوڳو بڻائي ڇڏيو آھي.جيڪي شاھد صاحب جي بنايل جماعت جي باري ۾ پکيڙيا پيا وڃن. جيتوڻيڪ مان اڃا تائين مٿين افواهن تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.