فروٽ ۽ سبزين تي لڳل زرعي دوائن جو ڌوئڻ باوجود مڪمل خاتمو ناممڪن

بيلجيم(ويب ڊيسڪ)ميون ۽ ڀاڄين کي کائڻ کان اڳ ڌوئڻ عام رواجي ڳالهه آهي، پر هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته انهن ڀاڄين ۽ ميون تي جيڪي زرعي دوائون لڳايون وينديون آهن اهي ڪافي ڌوئڻ باوجود ختم ناهن ٿيندا.

چين جي Anhui زرعي يونيورسٽي جي ماهرن ترجو ڪري ڏٺو ته ميون ۽ ڀاڄيون ڌوئڻ کان پوءِ به ان تي ڪيميڪل موجود هئي،

اهي تجربا صوف ۽ کيري سان گڏوگڏ ٻين کائڻ پيئڻ جي شين، جهينگي ۽ چاور وغيره تي به ڪيا ويا هئا، تجربي موجب، شين کي چڱي نموني ڌوئڻ باوجود اثرات رهجي ويا هئا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته هي ڪيميڪل جگر جي ڪينسر ۽ ٻين ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته ميون ۽ ڀاڄين کي ڌوئڻ ڪافي ناهي ۽ انهن جو مشورو آهي ته کاڌن کي چڱي نموني ڌوئي ۽ صاف ڪري استعمال ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.