وات پاڻي پاڻي ٿي ويو نه! مزيدار چڪن ڪارن سوپ ٺاهڻ جو طريقو ڄاڻيو

سياري ۾ رڳو گرم ڪپڙا پائڻ يا هيٽر سامهون ويهڻ ڪافي ناهي پر جسم کي گرم رکڻ لاءِ خاص غذائن جو استعمال به ضروري آهي.
چڪن ڪارن سوپ به هڪ اهڙي غذا آهي، جيڪا سياري ۾ ڪيترائي فائدا پهچائي ٿي ۽ ماڻهو دڪانن تي شوق سان سوپ پيئندي نظر ايندا آهن پر توهان گهر ۾ به آساني سان سوپ تيار ڪري سگهو ٿا.
هتي اسان توهان کي گهر ويٺي چڪن ڪارن سوپ ٺاهڻ جي آسان ترڪيب ٻڌائي رهيا آهيون.
شيون: اٻريل مڪئي ٻه پيالا، پيسيل ٿوم هڪ چمچو، ڪڪڙ جو گوشت هڪ پاءُ بنا هڏي جي، گجر هڪ عدد، ساوا بصر هڪ عدد، پاڻي ٻه کان ٽي ڪوپ، ڪارا مرچ اڌ چمچو، لوڻ ضرورت موجب، سويا سوس هڪ چمچو، سرڪو ٻه چمچا، ڪارن فلور 4 چمچا، بيضي جي اڇاڻ 3 عدد.
ترڪيب: فرائي پين ۾ مکڻ وجهڻ کانپوءِ پيسيل ٿوم، گجر ۽ ساوا بصر وجهي ٻن منٽن لاءِ بچايو، هاڻ ان ۾ چڪن شامل ڪيو ۽ ايستائين پچايو جيستائين ان جو رنگ تبديل نه ٿي وڃي.
هاڻ ان ۾ پاڻي شامل ڪري چڱي ريت اٻاريو، لوڻ ۽ ڪارا وجهي مڪس ڪيو، پوءِ ان ۾ سويا سوس ۽ سرڪو ملائي 8 کان 10 منٽن تائين پچايو.
پوءِ مڪئي جي اٽي ۾ ٿورو پاڻي ملائي سوپ ۾ شامل ڪيو ۽ مڪس به ڪندا رهو، آخر ۾ اٻريل مڪئي ۽ بيضي جي اڇاڻ شامل ڪري سوپ کي مڪس ڪيو، توهان جو مزيدار سوپ تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.