اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون، ڀارتي حمايت يافتا 7 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ ڀارتي حمايت يافتا 7 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مير علي ۾ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 خارجي مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته ٻي ڪارروائي اسپن وام ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ خارجي کي ماريو ويو.
ماريل ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ڪيو ويو، اهي سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ سميت ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.