عيدالاضحيٰ تي قرباني جي گوشت سان مزي مزي جا کاڌا تيار ڪيا ويندا آهن، ماڻهو گهرن ۾ دعوتن جو اهتمام به ڪندا آهن، ان صورتحال ۾ عورتن جي به ڪوشش هوندي آهي ته گوشت تڪڙي پچي وڃي ته جيئن سڀ ڪجهه وقت تي ٿئي.
پر ڪجهه عورتن کي گوشت ڳارڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي آهي پر انهن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، اسان جي ٻڌايل ٽوٽڪن تي عمل ڪري اهي منٽن ۾ گوشت ڳاري سگهن ٿيون.
گوشت تڪڙي ڳارڻ جا ٽوٽڪا:
ٽماٽن کي پيسي انهن ۾ ليمي جي رس شامل ڪيو ۽ ان مڪسچر کي گوشت تي لڳائي ڇڏيو ۽ 10 منٽن لاءِ رکي ڇڏيو، هاڻ گوشت بچايو ۽ ڏسو ته ڪيئن ٿو ڳري.
ادرڪ جي پاڻي کي 30 منٽن لاءِ گوشت تي لڳائي رکو، ان طريقي سان به گوشت جلدي ڳري ويندو آهي.
اُٻرندڙ گوشت ۾ ٿوم جي وچ واري ڏنڊي وجهڻ سان به گوشت جلدي ڳَري ويندو آهي.
ڪوڪا ڪولا سان به گوشت ڳاري سگهجي ٿو، جي ها! ان ۾ موجود ڪيميڪلز شئي ڳارڻ ۾ مدد ڏيندا آهن، تنهن ڪري 30 کان 40 منٽ گوشت کي ڪولا ۾ ملائي رکو ۽ پوءِ ان کي ڌوئي پچايو.