هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڌونئرو، جوس، هول گرين بريڊ ۽ ٻين عام غذائن ۾ موجود بچاءُ وارا ڪيميڪلز دل جي بيمارين ۽ هاءِ بلڊ پريشر جو خطرو وڌائي سگهن ٿا.
هڪ تحقيقي رپورٽ موجب، اُهي ماڻهو جيڪي سڀ کان گهڻو بچاءُ وارا ڪيميڪلز استعمال ڪن ٿا، انهن ۾ دل جي بيماري، دل جو دورو ۽ اڌ رنگ جو خطرو 16 سيڪڙو وڌي وڃي ٿو.
اهڙي طرح انهن ماڻهن ۾ بلڊ پريشر وڌڻ جو امڪان به 30 سيڪڙو وڌي وڃي ٿو، جيڪو اڌ رنگ جو وڏو ڪارڻ پڻ آهي.
رپورٽ ۾ ماهرن جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ تجربي جي نتيجن موجب دل جي بيماري جو خطرو وڌائڻ ۾ اٺ (8) اهڙا بچاءُ وارا ڪيميڪلز شامل آهن جن ۾ پوٽاشيم سوربيٽ، پوٽاشيم ميٽا باءِ سلفائيٽ، سوڊيم نائٽريٽ ۽ ايسڪوربڪ ايسڊ شامل آهن.
ڄاڻايل ڪيميڪلز بيڪري وارين شين جهڙوڪ جوس، پروسيسڊ گوشت ۽ آئيس ڪريم سميت ٻين غذائن ۾ استعمال ٿيندا آهن.
ماهرن موجب، اِهي ڪيميلز / جزا جسم ۾ آڪسيڊيٽو اسٽريس پيدا ڪندا آهن، جيڪي خلين کي نقصان رسائيندا آهن، جنهن سبب سوڄ، پوڙهائپ ۽ بيماريون ڪر کڻي سگهن ٿيون.
هتي اِها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته تجربو مشاهداتي هو جنهن سبب اهو نٿو چئي سگهجي ته بيمارين جو ڪارڻ اهي ڪيميلز ئي آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان اڃا تحقيق جاري آهي، جڏهن ته واهپيدارن جي تحفظ لاءِ ان تي ڪم ڪرڻ گهرجي.
ان کانسواءِ ماهرن تجويز ڏني ته وڌ کان وڌ تازو ۽ گهٽ پروسيسڊ کاڌو واپرائين مثال ميوا، سبزيون، مڇي، دال ۽ فائبر سان ڀريل خوراڪ استعمال ڪجي ته جيئن دل ۽ هاءِ بلڊ پريشر کان بچي سگهجي.