منهنجا وڏڙا سعودي کان سنڌ آيا هئا، اسان هن ڌرتي کي پنهنجو ڪيو، هتي رهندڙ سڀ سنڌي آهن: وڏو وزير

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جي پهرين راڄڌاني کان وٺي اڄ تائين هڪ عظيم ميگا سٽي آهي، پر جڏهن هن شهر جا رهواسي پاڻ ئي شهر جي بُرائي ڪري خوش ٿين ٿا ته دلي افسوس ٿئي ٿو.
هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي سدائين تاريخ، ثقافت ۽ واپار جو چوواٽو رهيو آهي، مهاجرن، واپارين، پورهيتن، شاعرن، اديبن ۽ عام شهرين گڏجي جديد ڪراچي ٺاهيو آهي.
سنڌ تهذيب، رواداري ۽ صوفياڻين روايتن جي سرزمين آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ لعل شهباز قلندر اسان کي گڏيل بقا، انسانيت ۽ محبت جا قدر سيکارين ٿا.
مراد علي شاهه چيو ته بدقسمتيءَ سان سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ کان اڻ واقف ماڻهن هن شهر سان هٿ چراند ڪئي آهي، اميد آهي ته مستقبل ۾ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ ثقافت سان کلواڙ ڪندڙڻ کي ٻنجو ايندو.
هن چيو ته سڄي دنيا ۾ مسئلا آهن، پر ڪراچيءَ جو برو چاهيندڙن کان مايوسي ٿيندي آهي، منهنجا ابا ڏاڏا سعودي کان هجرت ڪري سنڌ آيا هئا، منهنجن بزرگن هن ڌرتيءَ کي اپنايو ۽ اسان کي هن ڌرتيءَ تي فخر آهي، سنڌ جا اصل شهري اهي آهن جيڪي هتي رهن پيا ۽ هن ڌرتيءَ طرف هجرت ڪئي.
وڏي وزير چيو ته ڪراچي رڳو هڪ شهر نه پر تهذيبن، ثقافتن ۽ هجرتن جي جيئرو جاڳندو داستان آهي، هن شهر هر گهٽيءَ ، عمارت ۽ برادريءَ جي پنهنجي هڪ انوکي تاريخ آهي. ڪراچي، سنڌ ۽ پاڪستان جي تاريخ نئين نسلن تائين منتقل ڪئي ويندي، ان لاءِ تاريخي بابن کي محفوظ ۽ نوجوان نسل لاءِ پهچ جوڳو بڻايو پيو وڃي.
مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته ”ڪراچي ميوزيم آف هسٽري“ جديد ڊجيٽل ۽ انٽرايڪٽو طرز تي قائم ڪيو ويندو.
هن چيو ته ميوزيم ۾ ٽيڪنالاجي، آرڪائيوز ۽ اسٽوري ٽيلنگ ذريعي تاريخ پيش ڪئي ويندي، جيڪو نوجوانن ۾ تاريخ، ثقافت ۽ ورثي کان آگاهي پيدا ڪندو، ڇاڪاڻ ته جيڪي قومون پنهنجي تاريخ محفوظ رکن ٿيون، اهي پنهنجو مستقبل مضبوط بڻائين ٿيون.
وڏي وزير چيو ته ميوزيم رڳو عمارتون نه پر تعليم، شعور ۽ قومي سڃاڻپ جا مرڪز هوندا آهن، ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي، ڪي ايم سي ۽ سٽيزنز آرڪائيوز آف پاڪستان جون ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ميوزيم آف هسٽري مستقبل ۾ ملڪ جو اهم ثقافتي ۽ علمي مرڪز بڻجندو، اسان کي پنهنجي ورثي ۽ قومي سڃاڻپ جي تحفظ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.