ايران-آمريڪا جنگ بندي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون جاري، فيلڊ مارشل سڀاڻي ايران ويندو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڊگهي مدي واري جنگبندي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون جاري آهن ۽ ان سلسلي ۾ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير سڀاڻي ايران جو دورو ڪندا.

ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سومر ڏينهن ايران جو دورو ڪندو. هن چيو ته پاڪستاني فيلڊ مارشل جو ايران جو دورو خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جو تسلسل آهي.

اسماعيل بقائي موجب، پاڪستاني آرمي چيف جي دوري جو مقصد ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي، جڏهن ته پاڪستاني چيف آف ڊفينس فورسز ايران جي اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون پڻ ڪندو.

ٻئي پاسي ايراني خبر ايجنسي موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي وچ ۾ ڪالهه ٽيليفون تي رابطو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ياد رهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ دوران ان کان اڳ به ٻه ڀيرا ايران جو دورو ڪري چڪا آهن.

You might also like