مهانگي گهرايل کنڊ سستي اگهه تي ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو، اربين رپين جو نقصان

لاهور(ويب ڊيسڪ)وفاقي وزارتِ پيداوار پاران مهانگي اگهه تي درآمد ڪيل کنڊ سستي اگهه تي برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي وئي.

وزارتِ پيداوار جي ذريعن موجب، هن فيصلي سان قومي خزاني کي اربين رپين جو نقصان ٿيندو، جڏهن ته اڍائي لک ٽن مقامي سستي کنڊ برآمد ڪرڻ جو فيصلو نه ٿي سگهيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جو فيصلو مايوس ڪندڙ آهي.

ذريعن موجب، آبادگارن کان ڪمند جي فصل خريد ڪرڻ ممڪن نه رهندو، جڏهن ته شگر ملز جي مالڪن وزارتِ پيداوار کي اڳواٽ ئي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like