دشمن ايران کي وينزويلا بڻائڻ چاهيو پر ائين نه ٿيو: ايراني صدر

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ايران هن وقت معاشي ۽ عسڪري لحاظ کان جنگ واري صورتحال ۾ آهي، تنهن هوندي به ملڪ ڏکين حالتن آڏو مضبوطي سان بيٺل آهي.

مسعود پزشڪيان جو چوڻ آهي ته ايران غيرقانوني جنگي حالتن دوران عوام جي خدمت لاءِ پنهنجون سموريون ڪوششون جاري رکيو پيو اچي.

ايراني صدر چيو ته دشمن ايران کي وينزويلا بڻائڻ جو منصوبو ٺاهيو هو، پر ائين نه ٿي سگهيو. جنگي ڏکيائين کي منهن ڏيندڙ عوام جي گڏيل موقف سبب مفاهمتي يادداشت تائين پهچڻ ۾ مدد ملي.

مسعود پزشڪيان موجب، ماهرن مفاهمتي يادداشت کي مصلحت، عزت ۽ دانائي تي ٻڌل قرار ڏنو آهي.

ايراني صدر جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو هن مفاهمت جي مخالفت ڪري رهيا آهن، اهي معاملن کي درست انداز ۾ سمجهي نه رهيا آهن.

You might also like