ميٽا خاموشيءَ سان هڪ نئين ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن جو مقصد واهپيدارن کي هڪ نئين طريقي سان ڳالهه ٻول ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ”فورم“نالي ايپ بابت ڄاڻايو ويو آهي ته هي آءِ فونواهپيدارن کي مخصوص ملڪن ۾ دستياب هوندي.
هن ايپ جي ڊسڪرپشن موجب هتي توهان بامقصدٰ ڳالهه ٻول ڪري سگهو ٿا، حقيقي جواب ڏسي سگهو ٿا ۽ پنهنجي پسند جي ڪميونيٽيز جو حصو بڻجي سگهو ٿا.
هي بنيادي طور تي سوشل ميڊيا سائٽس ريڊيٽ ۽ ڪورا سان ملندڙ جلندڙ آهي. يعني توهان ان ذريعي سوال پُڇي سگهو ٿا ۽ فيس بُڪ گروپس ۾ شامل ماڻهن کان جواب حاصل ڪري سگهو ٿا.
رپورٽ موجب، باءِ ڊيفالٽ ان ۾ فيس بُڪ گروپس جو مواد ڏيکاريو ويندو جنهن جو دارومدار توهان جي دلچسپي تي هوندو.
فيس بُڪ موجب، هي ايپ اهڙن ماڻهن لاءِ ٺاهي وئي آهي ته جيڪي فيس بُڪ گروپس هلائيندا آهن ۽ کين هڪ نئون ايڊمن اي آءِ اسسٽنٽ فراهم ڪيو ويندو، جيڪو گروپس هلائڻ ۽ مواد جي جاچ ۾ مدد فراهم ڪندو.
فيس بُڪ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته هي ايپ حقيقي جواب حاصل ڪرڻ لاءِ آهي، فورم کي استعمال ڪرڻ لاءِ توهان کي فيس بُڪ اڪائونٽ جي ضرورت هوندي.
امڪان آهي ته هن ايپ جو مقصد فيس بُڪ جي اربين واهپيدارن کي استعمال ڪري کين حقيقي جواب فراهم ڪرڻ آهي.
ميٽا ترجمان موجب، في الحال هي ايپ بنيادي طور تي ٽيسٽنگ واري مرحلي مان گذري رهي آهي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته اسان مختلف نون پراڊڪٽس تي تجربا ڪري رهيا آهيون جيئن ماڻهن جي دلچسپي کي ڄاڻي سگهون..