مزيدار بادامن جو حلوو ٺاهڻ جو طريقو

گهربل شيون: بادام اڌ ڪلو (اُٻاري کلون لاهي ڇڏيو)، ننڍا ڦوٽا 8 عدد (هڪ چمچو کنڊ سان پيسي ڇڏيو)، کير ٻه پيالا، کنڊ ڏيڍ پيالو، گيهه ڏيڍ پيالو، ڦڪو پائو اڌ پيالو، پستا 10 عدد
ٺاهڻ جو طريقو: سڀ کان اڳ بادام ۽ کنڊ ملائي پيسي ڇڏيو، پوءِ ان ۾ کير ملائي هلڪي باهه تي پچايو، گهاٽو ٿيڻ تي چُلهي تان لاهي ڇڏيو ۽ هڪ ٻي ڪڙاهي ۾ گيهه گرم ڪري ڦوٽا وجهو، خوشبو اچي ته بادام ۽ کير شامل ڪيو، جڏهن گيهه الڳ ٿيڻ لڳي ته مائو ملائي ڇڏيو، پليٽ ۾ ڪڍي پستا مٿان هاري ڇڏيو، مزيدار حلوو تيار آهي، اهو حلوو سياري ۾ گهڻو فائديمند هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.