پيرس (ويب ڊيسڪ) فرانس جي وزيراعظم فرانڪو بائرو چيو آهي ته جيڪڏهن يورپ نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين خلاف مزاحمت نه ڪئي ته ان کي ڀت سان لڳايو ويندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب فرانڪو بائرو سومر ڏينهن ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري کان اڳ آمريڪا جي نئين انتظاميا جي ڊالر، انڊسٽري ۽ سيڙپڪاري بابت پاليسين ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ٽرمپ جي حلف برداري سان آمريڪا اهڙي سياست جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪا غير معمولي بالادستي رکندڙ هجي.
هن چيو ته جيڪڏهن اسان ڪجهه نه ڪيو ته اسان کي چٿيو ويندو، ڀت سان لڳايو ويندو، اهو سڀ ڪجهه اسان (يعني فرانسيسي ۽ يورپي عوام) تي ڀاڙي ٿو، ڇو ته يورپ کانسواءِ اهو ممڪن ناهي.
سندس چوڻ هو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي آمد اسان کي ۽ اسان جي ذميوارين کي آمهون سامهون آڻي ڇڏيو آهي.
Prev Post
You might also like