گهربل شيون: گوشت بنا هڏي وارو هڪ ڪلو، بصر هڪ پاءُ، پيسيل ڌاڻا هڪ چمچو، ڪڻڪ، ماش جي دال، چڻن جي دال، مهري دال هڪ هڪ پاءُ، ٿوم ادرڪ جو پيسٽ 3 چمچا، تيل هڪ پاءُ، لوڻ ضرورت موجب، پيسيل ساوا مرچ 3 چمچا، پيسيل زيرو هڪ چمچو.
ٺاهڻ جو طريقو: ڪڻڪ ۽ سڀني دالين کي الڳ الڳ اُٻاري چڱي طرح گهوٽي ڇڏيو، هاڻ گيهه ۾ هڪ بصر فراءِ ڪيو، باقي بصر ۾ ٿوم ۽ سمورا مصالحه وجهي گوشت به شامل ڪيو ۽ ڀُڃو، هاڻ پاڻي وجهي گوشت کي ڳڙڻ تائين پچايو، ان کانپوءِ سمورا مصالحه، ڪڻڪ ۽ داليون ملائي ايتري تائين گهمايو جو سڀ شيون مڪس ٿي وڃن، گرم مصالحو، ٻيا مصالحه، ليمون، ادرڪ ۽ ساوا مرچ وجهي پيش ڪيو.
Prev Post
You might also like