پٽاٽن جو شمار دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول سبزين ۾ ڪيو ويندو آهي، پر پٽاٽا گهڻو وقت رکڻ سان نرم ٿي وڃن ٿا يا اهي ڦٽڻ لڳن ٿا.جيڪڏهن توهان پٽاٽن کي گهڻو وقت ذخيرو ڪرڻ واري مسئلن جو شڪار آهيو ته هاڻي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي. هتي اسان توهان کي هڪ اهڙو طريقو ٻڌائينداسين جنهن سان پٽاٽن کي ڇهه مهينن تائين تازو توانو رکي سگهو ٿا. سولي طريقن تي عمل ڪري توهان پٽاٽن کي جهڙا جو تهڙا واري صورت ۾ برقرار رکي سگهو ٿا.
- پٽاٽن کي تازي هوا جي ضرورت هوندي آهي، ان ڪري انهن کي پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ بند نه ڪريو۔ ان بدران، انهن کي رسين واري ٻوري يا ڪاغذي ٿيلهين ۾ رکڻ وڌيڪ بهتر آهي۔
- اهو پڻ تمام اهم آهي ته پٽاٽن کي ٻين تازن سبزين، خاص طور تي بصرن کان پري رکيو وڃي، ڇو ته اهي ايتھيلين گيس خارج ڪندا آهن، جنهن سبب پٽاٽن جي تازگي متاثر ٿي سگهي ٿي۔
- ٻي سبزين ۽ بصرن سان گڏ رکڻ ۽ ايتھيلين گيس جي اثر سبب سبزيون تڪڙي خراب ٿيڻ لڳنديون آهن، ان ڪري انهن نتيجن کي روڪڻ لاءِ پٽاٽن کي الڳ رکڻ گهرجي۔
- پٽاٽن کي ٿڌي، اونداهي واري هنڌ تي رکڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ روشني انهن ۾ فوٽو سنٿيسس ۽ انڪرن جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جنهن سان پٽاٽا ٻيهر ڦٽڻ وارو عمل شروع ڪري سگهن ٿا.
مٿين قدمن تي عمل ڪندي، توهان پٽاٽن کي گهڻو عرصو تازو رکڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهو ٿا۔