نئين ايندڙ سال شاهه رخ لاءِ خطري جي گهنٽي ته ناهي؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان لاءِ نئين سال جي حوالي سان ڪيل اڳڪٿيون ڪنگ خان لاءِ خطري جي گھنٽي وڄائي رهيون آهن۔

نئين سال جي آمد سان گڏ ئي مشهور شخصيتن لاءِ اڳڪٿيون شروع ٿي وڃن ٿيون۔ ڀارت جي مشهور ٽيرو ڪارڊ ريڊر پڻ شاهه رخ خان بابت ڪجهه اڳڪٿيون ڪيون آهن، جيڪي ڪنگ خان لاءِ وڌيڪ سٺيون خبرون نٿيون آڻين۔

ٽيرو ڪارڊ ريڊر رهني سبروال شاهه رخ خان بابت اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ڪنگ خان 2021 کان پنهنجي ڪيريئر، صحت ۽ ٻارن بابت معاملن ۾ ناڪاري دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي ، پر نئين سال ۾ کيس پنهنجي جذباتي لاهن چاڙهن ۽ صحت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

رهني سبروال چيو ته شاهه رخ خان جو علم جفر ۾ 2 نمبر آهي، جيڪو انڊسٽري ۾ انهن لاءِ فائديمند رهيو آهي. انهن جي زائچي ۾ نمبر 2 ۽ 8 جو توازن مطابق انهن سان هڪ عورت جي تقدير پڻ جڙيل آهي، جيڪا گوري خان جي نمبر سان ملندي آهي، جنهن ان جي وڏي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي۔ ڪنگ خان جي مارڪيٽنگ جي صلاحيت پڻ انهن جي نيو ميٽرولوجي نمبر 2 سان جڙيل آهي۔

نئين سال بابت ٽيرو ڪارڊ ريڊر چيو ته ’’2025 ۾ شاه رخ خان پنهنجي ٻارن جي ڪيريئر تي ڌيان ڏيندو، پر جيتري تائين بالي ووڊ جو تعلق آهي، مارچ کانپوءِ انڊسٽري ۾ اوچتا ٿيندڙ وارو لاها چاڙها سندس ڪيريئر کي متاثر ڪري سگه. ٿا.

رهني صحت جي معاملن بابت بالي ووڊ ڪنگ کي خبردار ڪندي چيو ته شاهه رخ خان کي هن سال پنهنجي صحت کي خاص ترجيح ڏيڻي پوندي۔

ٽيرو ڪارڊ ريڊر مشورو ڏنو ته شاه رخ خان کي پنهنجي رهائشگاه ’’منت‘‘ جي واستو ۾ ڪجهه تبديليون ڪرڻ گهرجن جيئن ته اها انهن جي ٻارن سهانا خان، آريان خان ۽ ابرام لاءِ موافق ٿي سگهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.