اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير پاور ڊويزن اويس لغاري چيو آهي ته ٽاسڪ فورس سمورن آءِ پي پيز جي پيداواري صلاحيت جو جائزو وٺي رهي آهي، ڏيڍ مهيني کان ڪم ڪري رهيا آهيون ته اسان کي ڪهڙي آءِ پي پيز جي گنجائش جي ضرورت آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ اويس لغاري چيو ته ايندڙ هفتن ۾ قوم کي بجلي جي اگهن بابت سٺي خبر ملندي.
اويس لغاري چيو ته گذريل ڏينهن پاور ڊويزن جي وضاحت باوجود غلط خبر هلائي وئي، گذريل ڏينهن بجلي 77 پئسا سستي ٿي هئي ۽ ايڊجسٽمنٽ 3.33 رپين مان گهٽ ٿي 2.56 رپين تائين ڪئي وئي.