پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي خيبر جي وادي تيره ۾ 3 مختلف هنڌن تي سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته سڪيورٽي فورسز جا 3 جوان شهيد ٿي ويا آهن.
پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران شهيد ٿيندڙن ۾ ميانوالي ضلعي سان تعلق رکندڙ 37 ورهين جو حوالدار انعام گل به شامل آهي، شهيدن ۾ 29 ورهين جو سپاهي محمد عمران ضلعي ٽانڪ جو رهواسي ۽ 22 ورهين جو سپاهي الطاف خان ضلعي مردان جو رهواسي به شامل آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ موجود ڪنهن به غير ملڪي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.