سج مان نڪتل جيو مقناطيسي طوفان ڌرتيءَ سان ٽڪرائيندو: اسپارڪو خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسپارڪو جي ترجمان ٻڌايو ته سج کان هڪ جيو مقناطيسي طوفان ڌرتيءَ سان ٽڪرائيندو.

ترجمان موجب هڪ ڏهاڪي کانپوءِ ڌرتي وڏي شمسي طوفان جي خطري کي منهن ڏئي رهي آهي، سج جي مٿاڇري تان اڀرندڙ جيو مقناطيسي لهرن جا اثر ايندڙ 3 کان 4 ڏينهن دوران زمين تائين پهچڻ جا امڪان آهن.

شمسي طوفان جي نتيجي ۾ بليڪ آئوٽ، غير فعال سيٽلائيٽ سان گڏوگڏ سيلولر فون ۽ جي پي ايس نيٽ ورڪ سخت متاثر ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.