براسيلا (ويب ڊيسڪ) برازيل ۾ هڪ مسافر جهاز ساو پولو جي علائقي ۾ گهرن مٿان ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ سوار 62 ڄڻا ئي مارجي ويا.
برازيل جي سول ڊفينس کاتي پاران آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين کي تفصيل ڏيندي چوڻ آهي ته جهاز ڪرڻ سبب گهر پڻ تباهه ٿي ويا آهن.
برازيل جي صدر لوئي اناشيو ليولا ڊا سلوا چيو آهي ته لڳي ٿو سڀئي مسافر مري ويا آهن. هن اها ڳالهه سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چئي. جهاز ۾ 58 مسافر ۽ عملي جا 4 ميمبر سوار هئا.
فلائيٽ ريڊار 24 موجب، جهاز ڪاسڪاويل کان ساؤ پولو پهچڻو هو. حادثو مقامي وقت موجب صبح 1.30 وڳي ٿيو. ووپاس ايئر لائنز موجب حادثي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته جهاز کي باهه لڳڻ ۽ حادثي سان لاڳاپيل ٻيون ڪيتريون ئي وڊيوز وائرل ٿي چڪيون آهن.