وچ اوڀر ۾ امن ڳالھين لاءِ نيون ڪوششون شروع

وچ اوڀر ۾ ضابطي کان ٻاھر ٿي ويل صورتحال کي سنڀالڻ ۽ ھڪ ڀيرو ٻيھر حماس ۽ اسرائيل ۾ امن ڳالھين جي لاءِ ڪوشش شروع ٿي وئي آھي.جيتوڻيڪ جنگ اڻٽر نھ آھي، پر عالمي قوتن بھ ھن معاملي کي ڀڙڪائڻ ۾ ڪا ڪسر نھ ڇڏي آھي،جنھن ۾ اسرائيل جي غيرمشروط حمايت ڪندڙ آمريڪا پڻ پنھنجو حصو پتي وجھندو رھي ٿو.

وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ شدت اڃان برقرار آھي.حماس اڳواڻ اسماعيل ھنيھ جي قتل بعد حالتن ۾ آيل ڀڙڪو خطي ۾ ڪنھن خطرناڪ جنگ ڏانھن اشارو ڪري رھي آھي.ان وچ ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ڌرين ۾ ڳالھين جي ڪوشش بھ شروع ٿي آھي.

آمريڪا، مصر ۽ قطر، اسرائيل ۽ حماس تي زور ڀريو آھي ته اھي جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي واري معاملي تي ٻيھر ڳالهيون شروع ڪن.ٽنھي ملڪن اسرائيل ۽ حماس تي زور ڏنو آهي ته اھي ايندڙ هفتي دوحه يا قاهره ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪن ته جيئن جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزاديءَ واري معاملي تي اختلافن تي بحث ڪري سگهجي.گڏيل بيان ۾ ٽنهي ملڪن جنگي پارٽين کي 15 آگسٽ تائين ڳالهين کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي دعوت ڏني، ميڊيا موجب انھن ٽنهي ملڪن هڪ "معاهدي جو ھڪ فرم ورڪ ” تيار ڪيو آهي.

وچ اوڀر جي حماس ۽ اسرائيل جي جنگ ھاڻي 11 هين مهيني ۾ داخل ٿي رھي آھي.يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جوزپ بوريل، اسرائيلي ناڻي واري وزير بيزليل سمٽريش جي تازي بيان جي سخت مذمت ڪئي آهي، جنهن ۾ هن تجويز ڏني هئي ته غزه جي 2 لک رهواسين کي يرغمالن جي واپسي تائين بک مرڻ جي اجازت ڏني وڃي.يورپي يونين جو چوڻ آھي تھ شعوري طور تي شھرين کي بکايل رکڻ جنگي ڏوھ آھي.اھڙو ڪو بھ عمل انساني حقن ۽ عالمي قانون جي لتاڙ ۾ شمار ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.