بجلي بلن ۾ صارفن کي رليف ڏيڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وزارت ۽ توانائي واري وزارت بجلي جي بلن ۾ صارفن کي رليف ڏيڻ لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت ۽ توانائي واري وزارت جا عملدار گذريل هفتي کان بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان ڪو به حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو، ناڻي واري وزارت پنهنجي تجويز ۾ بجلي جي بلن ۾ رليف آءِ ايم ايف سان مشروط ڪرڻ جو چيو آهي، جڏهن ته توانائي واري وزارت ڪيپيسٽي ادائگين لاءِ 4 کرب رپين تائين رقم گڏ ڏيڻ جي تجويز ڏني آهي، ان سان صارفين کي رليف ڏئي سگهجي ٿو، جڏهن ته بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا في يونٽ گهٽتائي به ٿي ويندي، ان مقصد لاءِ ايندڙ 3 کان 5 سالن تائين آءِ پي پيز کي گڏيل ادائگيون ڪيون وڃن، جنهن سان ادائيگين جو بار گهٽجي ويندو ۽ گردشي قرضن به گهٽجي ويندا، ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي بجلي جي بلن جي مد ۾ جولاءِ 2024 جي مقرر تاريخ ۾ 10 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي.

  • آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ ۾ پ پ اڳڀري، پي ٽي آءِ ٽئين نمبر تي

اسلام آباد(م ڊ) آءِ ايم ايف کان ورتل قرضن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن، پاڪستاني حڪومتن پاران آءِ ايم ايف کان ورتل قرضن جا تفصيل قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آڏو پيش ڪيا ويا آهن، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس  ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت جي عملدارن طرفان آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ جا دستاويز پيش ڪيا ويا، دستاويزن موجب پيپلز پارٽي آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ ۾ سڀ کان اڳتي هئي، پيپلز پارٽي جي حڪومت 2008 کان 2013 تائين ايس ڊي آر مان 5 ارب 23 ڪروڙ کان وڌيڪ قرض ورتو، جنهن جي آمريڪي ڪرنسي ۾ رقم 7 ارب 72 ڪروڙ 59 لک ڊالرن کان وڌيڪ هئي، اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪيل دستاويزن موجب آءِ ايم ايف کي 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم واپس ڪئي وئي، پيپلز پارٽي آءِ ايم ايف کي 48 ڪروڙ 40 لک ڊالرن کان وڌيڪ وياج جي مد ۾ ادا ڪيا، قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪيل دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته پيپلز پارٽي کانپوءِ پاڪستان مسلم ليگ ن به آءِ ايم ايف کان وڌيڪ قرض ورتو، ن ليگ 2013ع کان 2018ع تائين 4 ارب 39 ڪروڙ ايس ڊي آر قرض کنيو، پنجن سالن ۾ اها رقم 6 ارب 48 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ٿي، اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪيل دستاويزن موجب ان عرصي دوران 4 ارب کان وڌيڪ ايس ڊي آر قرض واپس ڪيا ويا، 5 سالن دوران واپس ڪيل قرض 5 ارب 92 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ آهي، مسلم ليگ ن 5 سالن ۾ 31 ڪروڙ 77 لک ڊالرن کان وڌيڪ رقم وياج جي مد ۾ ڀري، دستاويزن موجب پي ٽي آءِ حڪومت 2018ع کان 2022ع تائين 4 ارب 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ايس ڊي آر قرض ورتو، جيڪو پنجن سالن لاءِ 6 ارب ڊالرن ٿيو، تحريڪ انصاف جي حڪومت 2 ارب ڊالرن جو قرض واپس ڪيو.پنجن سالن دوران 79 ڪروڙ 11 لک ڊالر وياج جي مد ۾ ادا ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.