جماعت اسلامي پاران ملڪ گير ڌرڻن جو اعلان، ڊي چوڪ به وڃي سگهون ٿا: حافظ نعيم

اسلام آباد(م ڊ) جماعت اسلامي سڄي ملڪ ۾ ڌرڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. امير جماعت اسلامي حڪومت سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي سخت موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به وقت مري روڊ کان ڊي چوڪ تائين مارچ ڪري سگهون ٿا.راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ 9 ڏينهن به جاري رهندڙ ڌرڻي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته فارم 47 رکندڙ حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي ته عوام جا ڪهڙا مطالبا آهن، ڪو به ماڻهو پنهنجو گهر ڇڏي روڊن تي اچي احتجاج ڪرڻ نٿو چاهي، گرمي، برسات، هوائن، طوفان ۾ ماڻهو پنهنجي مقصد تي بيٺا آهن.امير جماعت اسلامي چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته غريب، وچولي طبقي ۽ واپاري برادري کي ڪجهه رليف ڏنو وڃي، انهن جي تڪليفن کي گهٽايو وڃي، اها ئي اسان جي سياست آهي ۽ اسان کي ان تي فخر آهي. اسان هن سياست کي عبادت سمجهون ٿا، ڪنهن کي اها سٺي لڳي يا خراب، اها سياست هوندي، اسان پنهنجو حق وٺنداسين.هن چيو ته اسان جو ڌرڻو عوامي قوت بڻجي رهيو آهي، ڪراچي ۾ به تيز برسات، هوائن ۽ طوفان باوجود ڌرڻو شروع ٿيندو ۽ ڌرڻن جو سلسلو بند نه ٿيندو. سڄي ملڪ ۾ ڌرڻن جو سلسلو شروع ٿي ويندو، هن وڌيڪ چيو ته مان حڪومت کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان جا مطالبا سادا ۽ واضح آهن، بجلي جا بل گهٽ ڪيا وڃن، اضافي ٽيڪس ۽ آءِ پي پيز کي ڪيپيسٽي چارجز ادا نه ڪيا وڃن، سڄي ملڪ مان خبرون اچي رهيون آهن ته ماڻهو ڏاڍا پريشان آهن، بل ادا ڪرڻ لاءِ قيمتي شيون وڪڻي رهيا آهن، عورتن کي زيور وڪڻي رهيا آهن، هن چيو ته حڪومت جي ڳالهين واري ڪميٽي ٽن ڏينهن کان غائب آهي، ڳالهين واري ڪميٽي کي سامهون اچي ڪيميرا جي سامهون ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪمرانن کي پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻو پوندو، اسان ڪراچي ۾ به ڌرڻو شروع ڪري رهيا آهيون، اڄ گورنر هائوس ٻاهران ڌرڻو ڏنو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.