اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون ڏيڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي تفصيلي اختلافي نوٽ جاري ڪندي جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس نعيم اختر افغان چيو آهي ته پي ٽي آءِ موجوده ڪيس ۾ ڌر نه هئي، پي ٽي آءِ کي رليف ڏيڻ لاءِ آرٽيڪل 51، 63 ۽ آرٽيڪل 106 کي معطل ڪرڻو پوندو، رپورٽ موجب جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس نعيم اختر افغان پي ٽي آءِ جي مخصوص سيٽن تي 29 صفحن تي ٻڌل اقليتي فيصلو جاري ڪندي چيو ته مختصر فيصلي کانپوءِ 15 ڏينهن جو مدو پورو ٿيڻ باوجود اڪثريت وارو فيصلو جاري نه ٿي سگهيو آهي، تفصيلي فيصلي ۾ دير ٿيڻ جي ڪري، اسان صرف مختصر حڪمنامي تي ئي پنهنجي فائينڊنگ ڏئي رهيا آهيون، اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته اها ثابت حقيقت آهي ته سني اتحاد ڪائونسل عام چونڊن ۾ سياسي پارٽي جي حيثيت سان حصو نه ورتو هو، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين به آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهي هئي، اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ موجوده ڪيس ۾ ڌر نه هئي، ان ڪري ان کي رليف ڏيڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل 175 ۽ 185 ۾ ڏنل اختيارن جي دائري مان ٻاهر نڪرڻو پوندو، پي ٽي آءِ کي رليف ڏيڻ لاءِ آرٽيڪل 51، 63 ۽ آرٽيڪل 106 کي معطل ڪرڻو پوندو، اختلافي نوٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل پاران اليڪشن ڪميشن کي لکيل چار خط به شامل ڪيا ويا آهن، نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته آزاد اميدوارن کي اليڪشن ڪميشن، قومي اسيمبلي ۽ ٽن صوبائي اسيمبلين ۾ طريقيڪار مڪمل ڪرڻ کانپوءِ تسليم ڪيو ويو، 39 يا 41 اسيمبلي ميمبرن جي مختصر اڪثريت واري فيصلي ۾ حوالو ڏنو ويو آهي ته اها ڳالهه ڪڏهن به تڪراري نه هئي، ٻنهي ججن پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته ڪنهن به عدالتي ڪارروائي ۾ اهو اعتراض نه اٿاريو ويو ته ميمبر سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل نه ٿيا آهن، تحريڪ انصاف نه اليڪشن ڪميشن ۾ نه ئي وري هاءِ ڪورٽ ۾ ڌر هئي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي جاري ٿيڻ تائين به پي ٽي آءِ ڌر نه هئي.سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران 13 رڪني فل ڪورٽ جي 8 ٻڌڻين دوران سڀ کان وڌيڪ وقت ججن جي سوالن تي گذريو، ڪجهه ججن اهو به سوال ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏئي سگهجن ٿيون؟ جنهن تي ڪو به وڪيل پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ تي راضي نه ٿيو، جڏهن ته ڪنول شوزب جي وڪيل سلمان اڪرم راجا به دليلن ۾ واضح چيو ته هو پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ تي راضي ناهي.ياد رهي ته جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس نعيم افغان اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو هو.