ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران نيشنل ٽريد يونين فيڊريشن پاڪستان ۽ هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن طرفان ڪالهه ٻئين ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ لڳائي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي ڪامريڊ ناصر منصور، ڪامريڊ زهره خان ۽ ڪامريڊ رياض عباسي ۽ ٻين ڪئي، احتجاجي ڪئمپ ۾ عورتن توڙي مردن غير قانوني ٺيڪيداري نظام خلاف هٿن ۾ بينر کڻي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٺيڪيداري نظام کي ڏوھ قرار ڏنو وڃي ۽ ان جي خاتمي کي يقيني بڻايو وڃي، مزدورن کي مستقل ملازمت ڏني وڃي ۽ لکت ۾ مزدورن جي نوڪري بابت معاهدا ڪيا وڃن، سڀني مزدوري ڪندڙن کي ادارن ۾ رجسٽر ڪيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت ڏيڻ بجائي جيترو پورهيو ڪري ٿو اوتري اجرت ڏني وڃي، مزدورن جي يونين سازي کي بحال ڪيو وڃي، ڪم ڪرڻ وارين جڳهن کي هر قسم جي هراسمينٽ کان پاڪ ڪيو وڃي، فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ ليبر قانون تي عملدرآمد ڪريو، هر مزدور جي اجرت بئنڪن جي اڪائونٽ ذريعي موڪلي وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسان ٽن ڏينهن جي احتجاجي ڪئمپ لڳائي آهي جيڪڏهن مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.