سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس بڻجڻ جي جنگ؟

لاهور (مزمل سهروردي) پاڪستان ۾ موجودہ حالتن ۾ رهڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. اميد هئي ته پاڪستان جي مفادن لاءِ آءِ پي پيز پاڻمرادو بجليءَ جي معاهدن تي نظرثاني ڪندا. پي ٽي آءِ باني اسٽيبلشمنٽ لاءِ ڪو اشو ناهي، ان مان کين پريشاني ناهي، ان سان ڳالهائڻ جي کين ڪهڙي ضرورت آهي؟ سسٽم ۾ تبديليءَ جو ڪو امڪان ناهي. ايمرجنسي جو آپشن موجود آهي، ان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي پر في الحال اها نظر نه ٿي اچي. پارليامنٽ جي قانون سازي سان سپريم ڪورٽ جو مخصوص سيٽن بابت فيصلو ختم ٿي ويندو. سپريم ڪورٽ ڪورٽ جو چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ مدي ۾ واڌ نه وٺندو، سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت چيف جسٽس بڻجڻ جي ويڙهه هلي رهي آهي، جسٽس منصور علي شاهه مخصوص  سيٽن بابت فيصلي کي ان لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، ان لاءِ قانون وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ هن سان مليل آهي، چيف جسٽس قاضي فائز جي ايڪسٽيشن نه وٺڻ جي ڳالهه ڪري وڏو سياسي بلنڊر ڪيو. هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ قاضي فائز عيسي’ جو حڪم نه ٿو هلي، سپريم ڪورٽ تي جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر جو قبضو آهي ۽ ججز ڪميٽيءَ جي ڪري عملي طور منصور علي شاهه چيف جسٽس بڻيل آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، آچر 04 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.