رشوت نه ڏيڻ تي ايف آءِ اي انسپيڪٽر نوجوان کي قتل ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ لاش رکي ڌرڻو

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي مان چار ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل نوجوان ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم سکر جي لاڪپ ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويل لاڙڪاڻي واسي نوجوان اعجاز شيخ جي وارثن هلندڙ برسات  دوران نوجوان جو لاش قائد عوام پريس ڪلب لاڙڪاڻو اڳيان رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي نوجوان جي والد غلام حسين شيخ پنهنجي پٽ ڪامران شيخ، پاڙيسري سليمان ٽڳڙ، ڪامريڊ نياز حسين کوسو، حافظ امير بخش اظهر مغل ۽ ٻين سان گڏجي احتجاج ڪيو، غلام حسين شيخ دانهيندي چيو ته منهنجي 24 سالن جي نوجوان پورهيت پٽ اعجاز احمد شيخ کي گذريل سومر ڏينهن ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم سکر جي ٽيم انسپيڪٽر لطف الله سوڍر جي اڳواڻي ۾ لاهوري محلا مان گرفتار ڪري سول لائن ٿاڻي تي انٽري ڪرائي سکر منتقل ڪيو، گذريل اربع ڏينهن اسان سکر ايف آءِ اي ٿاڻي تي ساڻس ملاقات پڻ ڪئي، جنهن تي انسپيڪٽر لطف الله سوڍر پٽ جي آزاديءَ لاءِ 6 لک گهريا ۽ چيو ته جيڪڏهن 6 لک ناهن ته 3 لک روپيا ڏيو پوءِ اعجاز شيخ کي آزاد ڪنداسين اسان چيو ته اسان غريب آهيون صرف هڪ لک روپيا قرض کڻي ڏئي سگهون ٿا، انڪار تي انسپيڪٽر لطف الله سوڍر ۽ ٻين لاڪپ اندر پٽ کي تشدد جو نشانو بڻائي ٽارچر ڏئي قتل ڪري ڇڏيو بعد ۾ اسان کي فون ڪري ٻڌايو ته اعجاز خودڪشي ڪئي آهي، توهان سکر اچو جنهن تي اسان سکر وياسين ۽ پٽ جو لاش ڏٺوسين جنهن تي تشدد ٿيل هو جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن وس وارن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پٽ جي واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي انسپيڪٽر لطف الله سوڍر سندس جي ٽيم سميت جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري پٽ جي بيگناهه خون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.