اسلام آباد (تجزيو: شيراز پراچا) پاڪستان ۾ جمهوريت جي روايتي تصور تي نظرثاني جي ضرورت آهي. پاڪستان کي مضبوط، جٽادار ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻو آهي ته جمهوريت جي نظام تي نئين سر جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي. هن وقت ملڪ ۾ بحراني ڪيفيت آهي، اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ملڪ ۾ انتشار پکڙجي، جنهن سان جمهوري ادارا ڪمزور ٿين ۽ ان سان معيشت کي به ڪاپاري ڌڪ رسي. دنيا ۾ 1950 جي ڏهاڪي کانپوءِ 40 سالن تائين جاري رهندڙ سرد جنگ ۾ آمريڪا ۽ سندس اتحادين جمهوري نظام جو راڳ آلاپي دنيا کي ان جي لپيٽ ۾ آندو. هو سوشل ملڪن سوويت يونين ۽ سوشلسٽ چين جي مذمت ڪندا رهيا. بعد ۾ هنن چين سان دوستي ڪري سوويت يونين کي ٽوڙايو. ان جي شڪست تائين هو جمهوريت کي بهترين نظام ڪري پيش ڪندا رهيا. 1991 ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ اهي ئي ملڪ جمهوريت کي نه ٿا مڃن. هنن سرد جنگ دوران لڪايل بادشاهت وارو چھرو جمهوريت جي لباس ۾ ويڙهي ڏيکاريو، انهن جو رويو سترهين ۽ ارڙهين صدي وارو ملڪن تي قبضن وارو آهي. اڻويهين صدي کان ويهين صديءَ ۾ داخل ٿيندي دنيا بنيادي طور تبديل ٿي چڪي آهي. دنيا ۾ آيل انٽرنيٽ جي سهولت سڄي دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ان جي ذريعي ڪوڙين خبرن جي ٻوڏ آيل آهي. آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ڪري ان ۾ اڃا واڌارو آيو آهي. اهو دنيا لاءِ وڏو چئلينج آهي. ان وسيلي غلط پروپئگنڊا ڪري ماڻهن کان غلط فيصلا ڪرايا وڃن ٿا. اهو وڏو فرق آهي جيڪو گذريل صديءَ ۾ نه هو.