غوثپور( ن ع آ ) غوثپور ڪچو ڪيٽي پوليس ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ ملان صابر اوڳاھي ڀرسان اوڳاهي ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 50 ورهين جو وزير علي اوڳاھي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن سکر اسپتال کڻائي ويا رستي ويندي زخمي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو واقعي جو ڪيس هن وقت تائين داخل نه ٿي سگهيو ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي وڌيڪ نقصان جو انديشو ميراڻي ۽ اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ جو سلسلو جاري فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.