سنڌ جي آبپاشي نظام تي ۽ خاص طور تي سکر بئراج سميت سنڌ جي ٻين بئراجن تي خاص ڌيان ڏيڻ سميت نئين سري سان سروي ڪرائي خاص طور سکر بئراج تي فوري طور تي ۽ گڊو بئراج سميت ڪوٽڙي بئراج جي سروي ڪرائي نئين سر تعمير ٿيڻ وقت جي اهم گهرج هئڻ گهرجي. ڊان اخبار ۾ سکر بئراج متعلق هڪ اهم خبر پڙھڻ لاءِ ملي.جيڪا پڻ سکر بئراج جي موجوده صورتحال تي هئي ۽ ان متعلق خاص طور وزير آبپاشي ڄام خان شورو چيو ته موجوده سکر بئراج جي سنڀال تي ڪم هلي ٿو، پر اسان عالمي ۽ قومي سطح جي آبپاشي ماهرن سان مشورو پڻ ڪري رهيا آهيون ته نئين سکر بئراج جي سروي ڪري نئين سري هيٺ تعمير ڪرائجي.ان سلسلي ۾ هيءَ خبر هيٺ ڏجي ٿي.سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو سکر بئراج جي پاڻي جي گنجائش 900000 کان 15 لک ڪيوسڪ تائين وڌائڻ لاءِ عالمي ۽ قومي ماهرن کان تجويزون گهري ورتيون آهن .هن هائيڊرولڪ ماڊل اسٽڊي ورڪشاپ ۾ مهمان خاص جي حيثيت سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته بئراج جي تعمير ٿيڻ وقت ان جي گنجائش 1.5 ملين ايڪڙ فوٽ هئي پر اها گهٽجي 0.9 ملين ڪيوسڪ ٿي وئي آهي، جنهن لاءِ لاڳاپيل بين الاقوامي ۽ قومي ماهرن کي دعوت ڏني وئي آهي ته اهي سيڊيمنٽ جي مسئلي کي پيدا ڪرڻ ۽ سکر بئراج تي پاڻي جي گنجائش وڌائڻ لاءِ تجويزون ڏين.صوبائي وزير چيو ته نئين سکر بئراج جي تعمير لاءِ صوبي جي عوام سان سياسي وابستگي ۽ عزم آهي، نئين سکر بئراج جي اڏاوت جي جڳهه بابت ماهرن کي صلاح ڏيڻ گهرجي، ان موقعي تي آبپاشي ماهر محمد ابراهيم سمون چيو ته سنڌ جي سموري صوبائي آمدني سنڌو درياءَ تي دارومدار رکي ٿي ۽ سکر بئراج سنڌ جي زراعت ۽ معيشت لاءِ اهم آهي، هن چيو ته سکر بئراج کان سواءِ صوبو ترقي ڪري نٿو سگهي ۽ ان کان سواءِ ريگستان بڻجي ويندو، هن چيو ته 1940ع ۾ بئراج تي حفاظتي بند ٺاهيا ويا. وڌيڪ چيو ته 1976,2010 ۽ 2022 ۾ وڏي ٻوڏ آئي هئي ان کان علاوه آبپاشي ماهر اڳوڻي ايڊيشنل سيڪريٽري آبپاشي اسلم انصاري ڳالهائيندي چيو ته گذريل ٻن سالن کان نئين سکر بئراج جي تعمير لاءِ سروي ڪرائي وئي آھي. هاڻي جڏهن خبر تي يا خود سکر بئراج واري موجوده صورتحال تي غور ڪجي ٿو ته هاڻي سنڌ جو آبپاشي نظام ۽ ان تحت سکر بئراج ۽ ڪوٽڙي کان گڊو بئراج جي جيڪا تاريخ ۽ ان جو مدو هو سو پڻ پنهنجو پورو ٿي ويو آھي. ان ڪري سکر بئراج جي هئيت ۽ سگھه اها ناهي رهي جيڪا پنهنجي هئيت واري پاڻي وهڪري جي سگھه کي برداشت ڪرڻ واري آھي. پاڻي ماهرن جو چوڻ آھي ته جيڪڏهن سکر بئراج جي موجوده پيدا ٿيل صورتحال 47 واري گيٽ واري رهي ته سنڌ بنجر ٿي ويندي ۽ سنڌ جي جيڪا معاشي صورتحال آھي سا پڻ تباھ ٿي ويندي.جنهن جو سڌو سنئون سنڌ جي زراعت ۽ آبپاشي نظام سان تعلق آھي.
سنڌ جي موجودھ آبپاشي ۽ زرعي صورتحال جيڪا آھي سا ڪنهن ڳڻتيءَ کان گهٽ ناهي.موجوده ڳڻتيءَ واري صورتحال جيڪا پنھنجي انتها تي پھچي ھاڻي پنھنجا ابتڙي وارا نتيجا ڏيڻ لڳي آھي ته ان تي فوري طور غور وفڪر ڪري سنڌ جي زراعت کي بچائڻ لاءِ سڀ کان اڳ آبپاشي نظام جي بھتريءَ لاءِ ھنگامي بنيادن تي ٽيڪنيڪي لحاظ سان نيو سکر بئراج لاءِ سروي ڪرائي وڃي.ان کان پوءِ ترت ئي عالمي ۽ ڏيھي آبپاشي ماھرن جي نگرانيءَ ۾ موجوده سکر بئراج طرز تي نئين سکر بئراج پڻ تعمير ڪرائي وڃي. ڇو ته موجوده سکر بئراج سميت سنڌ جون دريائي بئراجون ڪوٽڙي توڙي گڊو بئراج پنھنجي مدي ختم ٿيڻ سبب اھا سگھه وڃائي چڪيون آھن جيڪا پڻ انھن جي ابتدا کان مقرر سو سال يا ان کان وڌ وارو ھئي.مشاھداتي آيل رپورٽن موجب ۽ آبپاشي ماھرن جي خيالن موجب سنڌ جي خاص طور سکر بئراج سميت ٻين درياھي بئراجن جي ٽيڪنيڪلي بنيادن يا آبپاشي بنيادن تي جيڪا جوڳي سار سنڀال رکڻي ھئي سا پڻ ڪونه ٿي سگھي آھي.
جيڪڏھن سار سنڀال بھتر ٽيڪنيڪل نموني سان ٿيندي اچي ھا ته سکر بئراج جھڙي مضبوط بئراج جي ھيءَ موجوده صورتحال جيڪا گيٽ نمبر 47،44,43 جي پڻ ٿي آھي، سا ايئن نه هجي هان جيئن هاڻي آھي.آبپاشي کاتي جي انتهائي ويجهن ذريعن جو چوڻ آھي ته 47 گيٽ جهڙي ساڳي صورتحال سمورين گيٽن جي ٿي چڪي آھي جنهن جي فوري مرمت هجڻ ضروري آھي. ان ڪري مٿين خبر موجب وزير آبپاشي ڄام خان شورو ۽ آبپاشي ماھر محمد ابراھيم سمون ۽ اسلم انصاري جن جيڪي خدشا سکر بئراج بابت ظاھر ڪيا آھن سي بلڪل سو سيڪڙو جائز آھن جن کي اسان پنھنجي تحريرن ۾ ذڪر ڪندا آيا آھيون. ايتري قدر ته جيڪي ڳالھيون مٿين خبر جيڪا ڊان اخبار پنھنجي اشاعت ۾ رکي آھي سا ڄڻ ته آبپاشي ماھر محمد ابراھيم سمون جا خدشا اسان جي تحريرن جي چٽي عڪاسي ڪن ٿا.ان لاءِ ھاڻي ضروري ٿي پيو آھي ته وزير آبپاشي جيڪو پارلياماني ميمبر آھي کي کپي ته سکر بئراج جي ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال ۽ نئين سکر بئراج جي اڏاوت لاءِ پڻ ڪوششون وٽڻ کپن.
مرڪزي حڪومت توڻي سنڌ حڪومت کي کپي ته قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي جي پارلياماني ڪميٽين کي سرگرم ٿي ڪم ڪرڻ کپي.ان لاءِ خاص طور سکر منجھان 1991 کان پوء مسلسل قومي اسيمبلي جو ميمبر ھجڻ سبب ۽ ملڪ جي سينيئر سياستدان ھجڻ سان گڏو گڏ سکر بئراج بابت پارلياماني ميمبر طور ڪميٽي جي سربراھ جي حيثيت ۾ سيد خورشيد احمد شاه جيڪو پڻ ذميوار سياستدان به آھي کي خاص دلچسپي وٺي سکر بئراج جي نئين سر تعمير واري رٿا تي ڪم تيز ڪرائڻ لاءِ ڪوشان رھي. جڏهن ته خود تاريخ جا ڪيترائي سال ٻڌائن ٿا ته سيد خورشيد احمد شاھ سکر بئراج متعلق ڳڻتيءَ جو اظھار ڪندو اچي پيو.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ ۽ خصوصي طور صدر پاڪستان آصف علي زرداري کي خاص دلچسپي وٺي
ملڪي ادارن ۽ توڙي پرڏيھي ادارن سان رابطي ۾ اچڻ کپي.ته جيئن سنڌ جي زراعت کي بچائڻ لاءِ ۽ آبپاشي جي بھتريءَ لاءِ سنڌ جي خاص طور بئراج تي ڌياب ڏيڻ کپي. سنڌ صوبو ھن وقت جنھن خرابين واري صورتحال مان گذري پيو سو ته پنھنجي جاءِ تي ان جي سامھون سنڌ جنھن جي معيشت زراعت سان واسطو رکي ٿي، سو ان لاءِ جيڪو آبپاشي نظام بئراجن وارو آھي سو زرعي معيشت لاءِ ڪرنگھي جي مثال طور آھي.
سنڌ اسيمبلي جي پارلياماني ميمبرز کي سرگرم ٿي سنڌ جي زراعت ۽ خاص طور تي آبپاشي نظام جي پختگيءَ تي بحث لاءِ ان تي نئين سري سان تعميري ڪم کي تيز ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ کپن.جي نه ته سباڻي تواريخ اوھان کي سنڌ جي زرعي آبپاشي تباھي جو ذميوار قرار ڏيندي. ان لاءِ اوھان پارلياماني ميمبرز، پارلياماني ڪميٽين ۽ خود پارليامينٽ کي جوڳو ڪردار ادا ڪرڻ کپي. جيڪڏھن نه ته پوءِ ھيءِ معاشي، زرعي ۽ آبپاشي نظام جي خرابين سبب ايندڙ بحرانن جا تنگ انگ ۽ ھٿ سڀاڻي اوھان جي نتيجن جي بنياد تي اوھان جي جيت ۽ ھار جو سبب جتي ھوندا پر ايئن نه ٿئي ته اھي ھٿ ۽ تنگ انگ اوھان جي ڳچين تائين پھچڻ ۾ دير ڪونه ڪندا.
چوڻي آھي ته تنگ آيد بجنگ آيد.ماڻهو تنگ ٿيندو ته جنگ ڪندو.سنڌ جيڪا سراپا مسلسل زرعي ۽ آبپاشي جهڙن شعبن ۾ نذر انداز ٿيندي پئي اچي.سا هاڻي هن ٽيڪنڪل بئراجن واري اشو ۽ خاص طور درياهجي بندن جي خراب صورتحال جيڪا 9 لک ڪيوسڪ تي اچي بيٺي آھي سا سار سنڀال نه ڪرڻ سبب ۽ سکر بئراج جي سامهون ٻيٽ جي صورت اختيار ڪندڙ مٽي جو صاف نه ٿيڻ وڏو سبب آھي.ته هاڻي سکر بئراج جيڪا 10 لک ڪيوسڪ کان 15 لک ڪيوسڪ پاڻي جو نيڪال آساني سان ڪري ويندي هئي، سا 9 لک ڪيوسڪ تي گيٽ نمبر 47 واري صورتحال اختيار ڪري وئي آھي.هاڻي ان صورتحال کي بحال ڪرڻ لاءِ ۽ بهتر ڪرڻ لاءِ مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين تي فوري طور عمل ڪرڻ وقت جي اختيارين ۽ ذميوارن تي فرض ٿو ٿئي.