ايران ۾ مارجي ويل حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه جي جنازي نماز جمعي تي قطر ۾ ادا ڪئي وئي.جتي سندس تدفين ڪئي وئي. حماس جا ڪافي اڳواڻ دوحا ۾ آھن ۽ اسماعيل هانيه جو خاندان بھ اتي ئي رھي ٿو.
حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه جي مارجڻ بعد اڳ ۾ ئي تڪراري علائقي فلسطين ۾وري حالتن خراب ٿيڻ جو خطرو پئدا ٿي ويو آھي. اسماعيل هانيه کي ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ نئين ايراني صدر مسعود الپزيشڪيان جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت دوران اتي ھڪ ھوائي حملي ۾ ماريو ويو آھي جنھن جو الزام ايران اسرائيل تي ھنيو آھي.
خميس ڏينهن تهران يونيورسٽي ۾ اسماعيل هانيه جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي .جنھن ۾ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ۽ صدر مسعود الپزشڪيان پڻ شرڪت ڪئي. آيت الله علي خامنه اي ان حملي تي اسرائيل کي سخت سبق سيکارڻ جو وچن ورجايو آهي. ايراني سپريم ليڊر موجب جيئن تھ اسماعيل هانيه کي ايران ۾ قتل ڪيو ويو هو ان ڪري ان جي خون جو بدلو وٺڻ کي ھو پنهنجو فرض سمجهي ٿو.
هن سال اپريل ۾ شام ۾ ايران جي اعليٰ ڪمانڊر جي قتل بعد اسرائيل ۽ ايران جنگ جي ويجھو پهچي ويا هئا.ان حملي کانپوءِ ايران اسرائيل تي سوين ڊرون ۽ راڪيٽ فائر ڪيا ھئا. اسرائيل جوابي ڪارروائي ۾ ايران جي مرڪزي شهر اصفهان ۾ فوجي ايئرپورٽ کي نشانو بڻايو ھو.
ويجھڙائي ۾ حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه ايران جا ڪيترائي دورا ڪيا ھئا، جن ۾ هن ايران جي سپريم ليڊر ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان باقاعده ملاقاتون ڪيون.
ايراني صدر جي حلف برداري واري تقريب ۾ اسلامي جهاد جي اڳواڻ اسماعيل هانيه کان علاوه لبنان جي حزب الله جو سينيئر ڪمانڊر ۽ يمني حوثي باغين جو هڪ اعليٰ اڳواڻ پڻ موجود هئا.تقريب کان اڳ انهن سڀني آيت الله خامنه اي سان ملاقات ڪئي ھئي، جتي ھنن جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو ھو.
ايران جو چوڻ آهي ته اسماعيل هانيه ۽ سندس محافظ اتر تهران ۾ هڪ گيسٽ هائوس ۾ موجود هئا،جن کي ايران جي مقامي وقت مطابق رات جو 2 وڳي ايران جي فضائي حدن جي ٻاهران فائر ڪيل ميزائل سان نشانو بڻايو ويو. سمجھيو ٿو وڃي تھ گذريل ڏهاڪي ۾ ايراني ايٽمي سائنسدانن جي قتل ۾ پڻ اسرائيل جو هٿ آهي، پر ھي پهريون ڀيرو اسرائيل ڪنهن اهم سياسي اڳواڻ کي نشانو بڻايو آهي. ھنيه جو قتل نه رڳو ايران لاءِ شرمندگي جو باعث آهي پر ان جي سيڪيورٽي ايجنسين جي صلاحيتن تي به سوال اٿاري ٿو. ايران جي اڳوڻي انٽيليجنس وزير علي يونسي ٽي سال اڳ چيو هو ته ايران ۾ اسرائيلي دخل اندازي وڌڻ سبب سرڪاري آفيسرن کي پنهنجي جان جو خوف ٿيڻ گهرجي. اسماعيل هانيه جي موت کان پوءِ فوري طور تي خدشو اهو آهي ته ايران جو ردعمل ڇا هوندو ۽ اهو ڪهڙو روپ اختيار ڪري سگهي ٿو ؟ اسماعيل هانيه جي موت کان صرف چند ڪلاڪ بعد اسرائيل دعوي ڪئي آهي ته لبنان جي حزب الله جي سڀ کان سينئر فوجي ڪمانڊرن مان هڪ کي ماريو ويو آھي.
هاڻي ايران به خطي ۾ موجود پنهنجي پراڪسي مليشيا کي اسرائيل تي حملو ڪرڻ لاءِ چئي سگهي ٿو. مبصرن جو خيال آهي ته اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ ڇڪتاڻ هڪ نئون رخ اختيار ڪري سگهي ٿي ۽ ٻنهي وچ ۾ سڌي جنگ جو امڪان پيدا ٿي سگهي ٿو.
ايران اسرائيل جي خلاف سڌي ۽ وڏي پيماني تي حملو ڪرڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿو.پر اسماعيل هانيه جي موت اسرائيل ۽ غزه جي تڪرار ۾ جنگ بندي ۽ امن جي ڳالهين جي ڪوششن تي گھڻو منفي اثر ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن وقت تائين 38,000 کان وڌيڪ فلسطيني مارجي ويا آهن.
قطري وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني، جيڪو اسرائيل ۽ حماس ۾ اھم ٽياڪڙ آهي،سندس چوڻ آھي ته اسماعيل هانيه ڳالھين ڪندڙ ٽيم جو اھم ماڻھون ھو سندس قتل سبب ڳالهين ۾ رنڊڪ پوندي.صورتحال ڪھڙو رخ اختيار ڪندي ان بابت ڪجهھ چوڻ وقت کان اڳ جي ڳالھھ ھوندي پر فوري طور ڪنھن بھتري جي اميد ڪافي گھٽ نظر اچي رھي آھي.