طاقت جو توازن بگڙي ويو آهي

تحرير: رياض ابڙو 

دنيا مان طاقت جو توازن يا ته ختم ٿي ويو آهي يا وقت سر بگڙي ويو آهي. ڏينهون ڏينهن مغربي قوتون وڌيڪ خوفناڪ ۽ طاقتور ٿي ويون آهن، ۽ مسلم قوتون الله جي آسري نه هيڏانهن جون نه هوڏانهن جون. اهي مسلم ملڪ ۽ مسلم قوتون آمريڪي بلاڪ ۾ رهي به جنگين جي منهن ۾ آهن. اهي آمريڪا جا اتحادي هوندي به طالبان جي ڌمڪين ۽ رهزنين ۾ ڦاٿل آهن، جن مان نڪرڻ مشڪل ترين ڪم آهي. ان ڪري ته جيڪا دنيا سرمائيدار آهي، جن پهرين درجي جي دنيا جي ملڪن وٽ بي تحاشا دولتون ۽ طاقتون آهن، سي ملڪ به امن جو ڳالهيون ڪري هٿيار ٿا کپائن، اهي ترقي يافتا ملڪ به مسلم خطن ۾ هٿيارن کانسواءِ ٻي ڪا ٻولي نه ٿا ٻڌن. وري جن ملڪن جي معيشت مضبوط آهي انهن ملڪن جي پوءِ هاڪ آهي، پويءِ انهن ملڪن ۾ رڳو مغربي ملڪ اچي ٿا وڃن، جن وٽ ”بيلنس آف پاور“ تمام گهڻو آهي. انهن ملڪن جي علمي ۽ عقلي طاقت دنيا جي غريب ملڪن يا مسلم ملڪن کان وڌيڪ يا ٻيڻي چوڻي ٿي وئي آهي. ان ڪري مسلم دنيا کي مغربي طاقت سان سينو ساهڻ ۾ وقت يا صديون يا نسل لڳندا. آمريڪا ۽ ان جا سڀ اتحادي جن ۾ صهيوني، زيونسٽ (يهودي ۽ نصارا) ملڪ اچي ٿا وڃن.

انهن ملڪن جو اصل مقصد رڳو مسلم دنيا جي ملڪن کي هيڻو، نٻل ۽ ڪمزور پيش ڪرڻو آهي ۽ مڙني دنيا جي ملڪن کي ڏيکارڻو آهي ته ڪيئن مسلم دنيا ايٽمي طاقت هوندي به ڪمزور ترين آهن. انهن ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪن جي سپھه سالارن کي نشانو بڻائي اسرئيلي ۽ آمريڪي ايجنسيون انهن جي ئي ملڪن ۾ انهن کي مارائي شهيد ڪري ٿيون ڇڏين، جن ۾ قاسم سليماني کان وٺي ابراهيم رئيسي تائين ۽ هاڻي اسماعيل حانيه جي شهادت به ان ڳالھه جي شهادت آهي ته مسلم متحد ناهي. جي ايران ڪا ڳالهھ ٿو ڪري يا ڪا جارحيت ٿو ڪري ته سني ملڪ ان کي ٽيڏي اک سان ٿا ڏسن، يا جي شيعا اڪثريت وارا ملڪ حماس، حزب الله ۽ انصارالله کي مالي ۽ جنگي مددون ڪن ٿا ته ٻيا سني ملڪ وري هٿ ڇنڊي ويهي ٿا رهن. مثال جي جهاد في سبيل الله جائز آهي ته جيڪي به طالباني ڌڙا آهن يا اهي ڌڙا جيڪي سعودي سپورٽ ۾ هلن ٿا اهي جهاد في سبيل الله جي سرحدون جوڙي رڳو افغانستان ۽ پاڪستان ۾ رنڊجي بيهي ٿا رهن، انهن کي جُهٻو نه ٿو اچي ته جيڪي آڪٽوبر 2023 کان وٺي 50 هزار فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، اهي ڪهڙي کاتي ۾ لکيا ويندا.

اها ڳالھه ڏسون ۽ مڃون ٿا ته اسرائيل جي وحشت هاڻي ڪنهن جهنگلي جانور جي وحشت کان به چڙهي وئي آهي، جن کي ڪا ڪهل نه ٿي اچي. اهي اسرائيلي ويڙهاڪ نه ٿا آمريڪا جي ٻڌن، نه ٿا انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس جي ٻڌن، نه ٿا ڪنهن فرانس ۽ برطانيا جي ٻڌن. انهن وٽ رڳو اهو آهي ته فلسطيني يا ته مري کپي وڃن يا فلسطين جي ڌرتي خالي ڪري هليا وڃن.

هاڻوڪي اسرائيلي حملي ۾ حماس جي سياسي اڳواڻ اسماعيل حانيه جي قتل سڄي مسلم دنيا کي صدمو پهچايو آهي. اها ڳالهھ مڃجي ته انساني درد ۽ مسلمانن جي همدرديءَ ۾ ايران سڀني مسلمان ملڪن کان اڳرو آهي. جنهن جوش سان ايران اسرائيلي حملن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان طريقي سان ڪو ٻيو ملڪ اسرائيل سان مهاڏو نه ٿو اٽڪائي.

سمجهون ٿا ته هاڻوڪي ايراني نقصان يا اسماعيل حانيه جي شهادت کانپوءِ وچ اوڀر ٻري اٿندو پر مشڪل آ. ڇو ته فلسطين جي حق ۾ ڪا به عرب رياست اڃان تائين اسرائيل جي سامهون نه ٿي ٿئي، ماسوا رڳو ايران جي. ان ڪري شين جي چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، آمريڪا تي انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس جو ڪيترو به زور هجي يا اهي ڪيترو به انساني حقن جي ڳالھه ڪندا هجن، پر ڪندا اهو جيڪو آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ کي منظور هوندو يا آمريڪا جي نظر ۾ ڀلو هوندو. ان ڪري فرضي ڳالهيون هاڻي نه ٿيون ڪري سگهجن، عملي ڪم ئي نه رڳو فلسطين کي ان ڌرتي جي دعويٰ واري مونجهاري مان ڪڍي سگهي ٿو، اسرائيل کي دٻائي سگهن ٿا ۽ مسلم دنيا پنهنجي طاقت جو مظاهرو به ڪري سگهي. باقي رڳو اسرائيل مرده آباد ۽ اسرائيلي شين جو بائيڪاٽ سو به رڳو لفاظي جيڪا عملي ڪم نه ٿي ڪري سگهي.

ڳڻتي اها به آهي ته آڪٽوبر 2023 ۾ حماس اسرائيل تي اڳرائي ڪري هزارين فلسطيني شهيد ڪرائي ڇڏيا، ۽ ظلم اهو به آهي ان کانپوءِ اسرائيلي فوجون الشفا ۽ الحريري اسپتال تي حملا ڪري زخمين جي حياتي به کسي ڇڏي، جو انهن جو ڪو پرسانِ حال نه بڻيو. اسرائيلي قوتن ته ”ڊاڪٽرز وڌائوٽ بارڊرز ۽ ايمنيسٽي انٽرنيشنل کي به انهن اسپتالن ۾ ڪم ڪرڻ کان روڪيو ۽ ڌمڪي ڏني ته انهن جي انهن اسپتالن ۾ وڌيڪ ڪم ڪيو ته اهي هن دنيا ۾ وڌيڪ نه جي سگهندا. هاڻي اهڙين حالتن ۾ مسلمان جي چپ وڏي منافقت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.