وارھ جنھن کي عبدالواحد آريسر ”مني ويٽنام“ سڏيو آھي، جتي تعليم روشن خيالي انقلاب جو ٻج قاضي غفار، ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ ڇٽيو جنھن مان ڪيترائي ساوا سلا اڀري آيا ۽ اڀرن پيا. جتان ڪيترائي نوجوان ڇوڪريون توڙي ڇوڪرا علم ادب ڪميشن ۽ چٽا ڀيٽي جي امتحانن ۾ پنھنجو پاڻ ملھايو آھي ۽ ملھائيندا پيا اچن. اتان ھڪ ڳوٺ نهال تنيو تعلقه وارھ ۾ غازي خان چانڊئي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ مدير احمد چانڊيي پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ان کان پوءِ ميٽرڪ ۽ انٽرميڊئيٽ گورنمينٽ بوائيز هائر سيڪنڊري اسڪول وراه مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڄامشورو مهراڻ يونيورسٽي مان مڪينيڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ سٺن نمبرن ۾ ڊگري مڪمل ڪيائين انجنيئرنگ جي ڊگري پوري ڪرڻ کان پوءِ موجوده وقت فرانس ۾ اسڪالرشپ تحت انرجي انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ڪري رهيو آهي. ۽ گڏوگڏ فرانس جي شھر ناتس سفارتخاني جي طرفان مليل اسڪالرشپ تي پنهنجي پڙهائي ڪري پيو جنهن جو ڪم ماحولياتي تبديلي ۽ ”رينيو ايبل انرجي“ تي ريسرچ ڪري رهيو آهي.
نوجوان مدير احمد چانڊيو نه صرف انجنيئرنگ ۾ بلڪ مختلف ڪريڪيولر ۽ ايڪسٽرا ڪريڪيلور سرگرمين ۾ به وڏي دلچسپي سان حصو وٺندو رهيو آهي. جنهن جو تازو مثال هينئر دنيا جي وڏي ۾ وڏي راندين جي پليٽ فارم اولمپڪ گيمز ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. جتي اسان جي ملڪ جا رانديگرن جو تعداد ست آهي.
مدير احمد واحد سنڌي آهي جيڪو پئرس اولمپڪ 2024 راندين جو حصو آهي. والنٽيئر طور گائينڊير به آھي. ھڪ اھم ڳالهھ ھي آھي ته اتي ميرٽ تحت ۽ نوجوان جو ٽيلنٽ ڏسي کڻندا آھن ۽ جڏھن ھن کان آٽوگراف ورتو ويو ته ھن نوجوان جي اها خاصيت کين بيحد وڻي ته انگريزي يا ٻي ٻولي ڇڏي ڪري پنھنجي مادري ٻولي سنڌيءَ ۾ شاھ عبداللطيف جي بيت جون ٻه سٽون لکيائين
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين. (شاھ عبداللطيف) ۽ ھيٺيان پنھنجو نالو لکيائين (مدير احمد چانڊيو)
اسان جتي نوجوانن تي سڄو ڏينھن تنقيد ڪندا آهيون ۽ موبائيل فونن تي وقت ضايع ڪرڻ جو مِهڻو ڏيندا آهيون. اتي مدير جھڙا به نوجوان آھن جيڪي اسڪالرشپ تي پرڏيھه پڙھائي سان گڏ راندين ميدان ۾ سرگرم نظر اچي رهيو آهي. سنڌ جي نوجوانن کي مدير چانڊيو جي ڪوششن ۽ ڪاوشن کي ڏسي سلام ڪرڻ گھرجي ۽ پاڻ ۾ خود اعتمادي پيدا ڪري اڳتي نڪرڻ وڌڻ گھرجي.