لاهور ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن پاڪستان جي ذميواراڻي بيٽنگ، 5 وڪيٽن تي 313 رنسون

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي راند جي پڄاڻي تائين 5 وڪيٽن جي نقصان تي 313 رنسون ٺاهي ورتيون.
قذافي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ امام الحق اننگز جي شروعات ڪئي پر عبدالله شفيق رڳو 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، پوءِ ڪپتان شان مسعود امام الحق سان گڏجي ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي اسڪور اڳتي وڌايو.
163 جي مجموعي اسڪور تي شان مسعود 76 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته 199 جي مجموعي اسڪور تي امام الحق به 93 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي آئوٽ ٿي ويو، ايندڙ بال تي سعود شڪيل کاتو کولڻ بنا وڪيٽ وڃائي ويٺو.
199 جي ئي مجموعي اسڪور تي بابر اعظم به آئوٽ ٿي ويو، جنهن 23 رنسون ٺاهيون.
ان کانپوءِ محمد رضوان ۽ سلمان علي آغا شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي آخر تائين پاڪستان کي وڌيڪ نقصان ٿيڻ نه ڏنو، ٻنهي 114 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي.
راند جي پڄاڻي تائين پاڪستان 5 وڪيٽن جي نقصان تي 313 رنسون ٺاهيون، رضوان 62 ۽ سلمان آغا 52 رنسن سان وڪيٽ تي موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.