محمد حنيفھو چوي ٿو تھ منهنجو جهاد فيمينزم جي خلاف آهي. مون کي پڪ آهي ته ان جھاد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ کيس جيڪڏهن صبح جو چار لڳي چاليھن منٽن تي بھ ڪال ڏيندئو ته هو ھزارين نوجوان، موٽر سائيڪل کي ڪِڪ ھڻي يا دوستن سان گاڏي ۾ ويھي ان جھاد ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ لبيڪ چوندي پھچي ويندو.
جيئن اسان هن ملڪ ۾ ڪافر ۽ گستاخ پئدا ڪرڻ جا ڪارخانا لڳائي ڇڏيا آھن،ساڳيءَ طرح اسان فيمينزم جي خلاف جهاد جي نالي تي پڻ ھر گهر ۾،ھر بازار ۾، هر اسڪول ۽ ڪاليج جي دروازي تي،ھر دفتر تي،ھر رستي تي ھلندڙ ھر بس ۾ سفر ڪندڙ عورت خلاف ھڪ محاذ کولي رکيو آهي. ڪو فرق نه ٿو پوي جيڪڏھن ڪا عورت رات جو 12 وڳي ڪنهن کي پنهنجي تصوير موڪلي ٿي يا مٿي کان پيرن تائين پنھنجي پاڻ کي لڪائي ٻارن جو پيٽ پالڻ جي لاءِ روزي روٽي ڪمائڻ لاءِ نڪري ٿي. اسان جو ان سان بھ ڪومطلب ناهي تھ اھا عورت ’ٻن ٽڪن‘ جي آهي يا ٻن ڪروڙن جي گاڏي ھلائي ٿي،اسپتال ۾ بيمارن جو علاج ڪندڙ نرس آهي يا بئنڪ ۾ مرڪندي اسان جا چيڪ ڪيش ڪري ٿي، هيلمٽ پائي موٽر سائيڪل هلائي ٿي. يا شام جو ٽيليويزن جي ڪنھن شو ۾ ويهي سياسي معاملن تي تجزيو ڪري ٿي.
انهن سڀني لاءِ اسان جي اندر ۾ هڪ ننڍو وڏو خليل الرحمان قمر پلجي رھيو آھي،، جيئن تھ اسان جي شروع کان ئي تعليم ٿورڙي جڏي آھي، ان ڪري جيڪو بھ ھو چوندو آھي لڳندو آھي ڄڻ اها اسان جي دل جي ڳالهه آهي.
هو اسان کي اهو به ياد ڏياريندي ناهي ٿڪجندو ته الله تعاليٰ جنت ماءُ جي پيرن ۾ رکي آهي ۽ جيترا حق اسلام عورت کي ڏنا آھن، ايترا ڪنھن نھ ڏنا آھن ،هو به اهو نٿو ٻڌائي سگهي تھ آخر اسان ايتريون ”گستاخ“ عورتون ڪيئن پيدا ڪري ڇڏيون آهن، جو اسان کي ٿورن ٿورن ڏينهن کانپوءِ ڪنھن عورت کي ُڪھي ڪري،ساڙي ڪري،ڳلو ڪپي ڪري مارڻو پوي ٿو. جيڪڏهن پيار ۽ ڪاوڙ گڏوگڏ اچي وڃي تھ تيزاب جي بوتل ڳولڻ لڳندا آھيون.
جنهن فيمينزم جي خلاف اسان صبح جو چار لڳي چاليھن منٽن تي جهاد ڪرڻ لاءِ نڪتا آھيون اھا فيمنزم ڪٿان ٻاھران ناهي آئي. عورت مارچ واريون ڇوڪريون نھ کڻي آيون آھن. اهو اسان جي گهرن مان ئي نڪتو آهي ۽ ان جو وڏو ۽ بنيادي سبب اسان جي معاشي مرداڻي ڪمزوري آهي جو اسان عورتن کي ويھارڻ تھ گھر ۾چاهيون ٿا پر عورتن جي مزدوري ۽ ان مزدوري جي ڪمائي کانسواءِ اسان اھو گھر ئي نھ ٿا ھلائي سگھون، ملڪ ته پري جي ڳالھھ آهي.
هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ عورتن کي گهر ۾ ويھاري رياست هلائيندڙ اسان کان وڌيڪ اسلامي ۽ سڀ کان وڌيڪ امير ڀاءُ سعودي عرب کي به سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته عورتن کي گهر ۾ ويھاري رياست نھ ٿي ھلائي سگھجي.
اسان جي گھر ۾ ڪڏھن ايترو داڻو پاڻي ئي نھ ھو جو ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي کي گهر ۾ ويھاري ان جي ڪفالت ڪري سگھون. گهرن ۾، ٻنين ۾، رستن تي پٿر ُڪٽيندڙ نياڻيون،عورتون ننڍي کان ئي ڏسندا آيا ھئاسين،پنھنجي ٻل تي ٿورو گھڻو پڙھي لکي ورتئون تھ دفترن ۾، بازارن ۾، پرائيويٽ ڪمپنين ۾ سٺين عھدن تي لڳي ويون. اڳي کان وڌيڪ ڪمائڻ لڳيون، اسان انهن جي ڪمائي کائيندا بھ وڃون ٿا ۽ وڌيڪ غضناڪ ٿيندا بھ ٿيندا وڃون ٿا.
جيڪا پنهنجي روزي پاڻ ڪمائيندي ، تنهن جي ڪڏھن دل چوندي تھ پنھنجي مرضي جو پائي،اکيون کڻي بھ ڳالھائي ڪري، اسان جي ڪمزور کان ڪمزور تر ٿيندڙ مردانگي کي لڳندو آھي تھ هيءَ جيڪا پنھنجي ڪمائي سان ويس وڳو پائي ڳچيءَ ۾ رئو پائي ڦري ٿي، اھا دراصل بِڪني پائي ڪري، اسان جي مردانگيءَ جي قبر تي رقص ڪرڻ چاهي ٿي. جن کي اسڪول جو يونيفارم پائي اکيون ھيٺ ڪري رستي تي ھلندڙ نياڻي کي ڏسي ڪري لڳندو آھي تھ اھا ڊانس ڪري رھي آھي، انھن مان اڪثر مجبور آھن تھ اھي پنهنجي ڌيءَ کي اسڪول موڪلين. پاڪستان ۾ توهان شايد ئي ڪي غريب ماءُ پيءُ ڏٺا ھجن جن جو خواب نھ ھجي تھ انھن جي ڌيءَ چار جماعتون پڙھي وٺي، جيڪي نه ٿا موڪلي سگهن ، انهن جي مجبوري اها هوندي آهي ته جڏھن نياڻي ڇهن سالن جي ٿيندي آهي ته انھن کي ھن جي ڪمائڻ جي ضرورت پئجي ويندي آهي. ان ضرورت مان فيمينزم پيدا ٿيندو آهي.
ڊگھو ڪش ھڻي ان خلاف جهاد جو اعلان ڪندي ۽ پنھنجو پاڻ کي مرد جو ٻچو ثابت ڪرڻ وقت اھو بھ ياد رکو ته سڀ کان افضل جهاد اهو آهي جيڪو پوڙهائپ ڏانهن سرندڙ عمر جو ماڻهو پنهنجي نفس جي خلاف ڪندو آهي ۽ ان جي سڀ کان گھڻي ضرورت صبح جو چار لڳي چاليھھ منٽن تي ٿيندي آهي.
(بي بي سي اردو جي ٿورن سان)