ٿر جي ڪوئلي کي سنڌ ۾ هئڻ ڪري نظر انداز ڪيو ويو!؟

تحرير: احمد خان جمالي

اڍائي سؤ سالن کان وڌيڪ عرصو يورپ، آمريڪا، چين ۽ روس ڪوئلي سميت فاسل فيولز تي پنهنجي معيشت کي اڀاريو. هينئر به فاسل فيولز جا سڀ کان وڏا پيداواري ۽ واهپيدار مرڪز اهي ئي ملڪ ۽ سعودي بلاڪ جا ملڪ آهن. جرمني ۽ ٻيا يورپي گرين چيمپئين به هينئر تائين %40 سيڪڙو بجلي ڪوئلي مان ٺاهن پيا. چين ۽ روس جيڪي سرمائيداراڻي ترقيءَ جا وڏا مخالف رهيا آهن، اهي هينئر به فاسلز فيولز خاص طور تي ڪوئلي جي توانائي جا وڏا مرڪز آهن.

ان سڄي عالمي صورتحال ۾ سڄو بار سنگت اچي سنڌ جي ڪوئلي تي وڌو آهي جنهن جو ماحولياتي اثر دنيا ۾ %0.0001 سيڪڙو کان به گھٽ آهي. درحقيقت ٿر جي ڪوئلي کي سنڌ جي معاشي ترقيءَ لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي ها. ٿر جي ڪوئلي خلاف جيتري ماحولياتي مهم هلي ان جو هڪ وڏو سبب اهو هو جو اهو ڪوئلو سنڌ مان نڪتو ۽ آئيني طور ڪوئلو وفاقي نه پر صوبائي سبجيڪٽ هو. سنڌ جي گيس ۽ تيل جيان ڪوئلو وفاق جي سڌي ڪنٽرول ۾ ناهي، تنهن ڪري اها مهم هلائيندڙن ۾ پنجاب جا اهي دوست به اڳڀرا هئا جن جي واتان ڪڏهن امپورٽيڊ ڪوئلي تي هلندڙ ساهيوال پلانٽ جي مخالفت نه ٻڌي سين. ايئن ئي ڪوئلي جي مخالفت ۾ ڪراچيءَ جي ڪجهه اڳڀرن دوستن کي ڪڏهن پورٽ قاسم ڪراچيءَ ۾ لڳل ڪوئلي واري بجلي گهر جي مخالفت ڪندي نه ٻڌوسين نه ته انهن جا ماحولياتي اثر ڀلا ڇا ۾ گهٽ هئا.

بينظير ڀٽو جي دور ۾ ٿر جي ڪوئلي تي ٺهندڙ ڪيٽي بندر رٿا کي به اسلام آباد جي ان ئي لابيءَ ختم ڪرايو هو ڇو ته اهو ذخيرو سنڌ مان نڪتو هو. ڪوئلي تي. ٿر جي ڪوئلي تي بجلي گهر ٺهڻ سبب بجليءَ لاءِ ڪالا باغ سميت نوان ڊيم ٺاهڻ واري دليل کي به ڌڪ ٿي لڳو تنهن ڪري اسلام آباد ۽ سندس حامي لابي ڪوئلي جي ماحولياتي مخالفت ۽ هائيڊل انرجي جي حق ۾ دليل ڏيڻ شروع ڪيا ۽ ان جي آڙ ۾ ڊيلٽا جي ماحولياتي برباديءَ تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪيائون.

ان سڄي سياست کي ماحوليات جو پردو پارائي اهڙو تاثر ٺاهيائون ڄڻ ٿر جو ڪوئلو ئي دنيا جي ماحول لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. ويندي 8 کان 10 ارب ڊالر جي ساليانو فاسل فيول امپورٽس تي به ڪڏهن ان لابيءَ کي مخالفت ڪندي نه ڏٺوسين. نه ڪڏهن ان لابيءَ اهو ٻڌايو ته سموري ونڊ پاور پراجيڪٽ لاءِ نوري آباد کان گهاري تائين سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين گرين انرجي جي نالي تي مفت ۾ ڇو کنئي وئي آهي. گرين ۽ فاسل فيول انرجي جي برڪتن ۽ تباهين جو تعين به سرمائيدار دنيا ئي ڪري پئي ۽ اسان ان جي مقامي سياست ۽ معيشت جي پاسن کي سمجهڻ کان سواءِ سڄي سائي انقلاب جو ٻار پنهنجي ڪلهن تي کڻي بيٺا آهيون. دنيا مان فاسل فيولز پنهنجي رفتار سان ختم ٿيندا ته پاڻ وٽ به ختم ٿيندا، ان کي اڃا ڪجهه ڏهاڪا لڳندا. اهو به نه وسارجو ته پاڪستان جي پسمنظر ۾ گرين انرجي جي نالي تي هائيڊل ۽ ونڊ انرجي کي وڌائڻ جي قيمت به سنڌ ئي ڀريندي. هائيڊل لاءِ اسان جي ڊيلٽا قيمت ڀريندي ۽ ونڊ جي نالي تي سنڌ جي ڪوسٽل پٽيءَ جي زمين کڻندا. پنجاب ۾ سولر جو هڪ وڏو پاور پلانٽ بهاولپور ويجهو لڳايائون جيڪو به رليو پيو آهي پر ان تي ڪو به نه ٿو سوال ڪري. لڳي ٿو ته سولر انرجي لاءِ به هڪ ڏينهن سنڌ جي ڪاڇي، ڪوهستان، اڇڙي ٿر ۽ ٿر جي زمين ئي ڪتب ايندي. پر ان تي شايد ڪو به ماحولياتي ماهر مخالفت نه ڪندو.

ٿر جي ڪوئلي تي اصل بحث اهو ٿيڻ گهرجي ها ته ان جي ماحولياتي اثرن کي گهٽائي (جنهن جا سائنسي طور آزمايل طريقا موجود آهن) ان کي سنڌ (۽ خاص طور ٿر) جي معاشي ترقيءَ لاءِ ڪيئن استعمال ڪجي ۽ ان کي اسلام آباد جي ڪنٽرول کان بچائجي. انهن پراجيڪٽن ۾ مقامي ماڻهن جي حقن جو تحفظ ڪيئن ڪجي.

سنڌ جي ڪوئلي کي سنڌ انرجي پالسيءَ هيٺ سنڌ ۾ سستي بجلي، اڪنامڪ زونز ۽ صنعتڪاريءَ لاءِ ڪيئن استعمال ٿيڻ گهرجي. انهن اهم سوالن تي ڳالھه ٻولهھ بجاءِ قصو اچي ثانوي معاملن ۾ ڦاسايائون. ايئ

ن روايتي مهم بازيءَ جي نتيجي ۾ انهن اهم سوالن بجاءِ  اهو سڄو معاملو سطحي فتوائن ۽ چٿرن جي ور چڙهي ويو ۽ ائين سنڌ جي معاشي ترقيءَ جو هڪ اهم وسيلو هٿن مان نڪري رهيو آهي. بلوچستان ۽ سنڌ جي تيل ۽ گيس تي پنجاب ۾ سڄي صنعتي ترقي ڪئي وئي پر پنجاب (۽ سنڌ جي) جي ڪنهن به ماحولياتي ماهر کي ان تي اعتراض نه ٿيو. اچي بار پيو ٿر جي ڪوئلي مٿان ته ان سان ماحولياتي تباهي ٿيندي. ڳالهيون اهڙيون ڪيائون ڄڻ دنيا ۾ ڪا قيامت آئي ته اها ٿر جي ڪوئلي سبب ايندي. برابر ڪوئلي جا ماحولياتي اثر آهن پر ڇا آمريڪا، چين ۽ روس به معاشي ترقيءَ کي بريڪ هڻي ڪوئلي جو استعمال ترڪ ڪري ڇڏيو آهي؟

ٿر جي پرئين پاسي ڀارت 50 جي ڏهاڪي کان ساڳي لگنائيٽ ڪوئلي تي بجلي ٺاهي، پر راجستان ۾ ڪا بربادي ٿي هجي ته ڪير ڏيکاري. هتي چڱا ڀلا ماڻهو هيرو ٿيڻ، تاڙيون وڄرائڻ ۽ سوشل ميڊيا جا لائيڪس وٺڻ جي چڪر ۾ ان مهم جو حصو ٿي ويا. جيڪڏهن مختلف راءِ کي ٻڌڻ ۽ ان جو احترام ڪرڻ جو رويو هجي ته ھوند ان معاملي تي سنجيدگيءَ سان بحث ڪري هڪ ٻئي کان سکجي پر ان رويي جي اڻ هوند ۾ ڪير ڳالهائي. باقي ان دوران فاسل فيولز مخالف ڪيترن مجاهدن ماحولياتي يڪجهتي طور ذاتي زندگيءَ ۾ گاڏين، ريفريجريٽرن ۽ ايئرڪنڊيشنرن جو استعمال بند ڪري ڇڏيو آهي، اهو منهنجي ڄاڻ ۾ ناهي

. ٿر جي ڪوئلي خلاف جيتري ماحولياتي مهم هلي ان جو هڪ وڏو سبب اهو هو جو اهو ڪوئلو سنڌ مان نڪتو ۽ آئيني طور ڪوئلو وفاقي نه پر صوبائي سبجيڪٽ هو. سنڌ جي گيس ۽ تيل جيان ڪوئلو وفاق جي سڌي ڪنٽرول ۾ ناهي، تنهن ڪري اها مهم هلائيندڙن ۾ پنجاب جا اهي دوست به اڳڀرا هئا جن جي واتان ڪڏهن امپورٽيڊ ڪوئلي تي هلندڙ ساهيوال پلانٽ جي مخالفت نه ٻڌي سين. ايئن ئي ڪوئلي جي مخالفت ۾ ڪراچيءَ جي ڪجهه اڳڀرن دوستن کي ڪڏهن پورٽ قاسم ڪراچيءَ ۾ لڳل ڪوئلي واري بجلي گهر جي مخالفت ڪندي نه ٻڌوسين نه ته انهن جا ماحولياتي اثر ڀلا ڇا ۾ گهٽ هئا.  بينظير ڀٽو جي دور ۾ ٿر جي ڪوئلي تي ٺهندڙ ڪيٽي بندر رٿا کي به اسلام آباد جي ان ئي لابيءَ ختم ڪرايو هو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.