پشاور ۾ اسٽيج ڊانسر منيبا شاهه قتل

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ فائرنگ ڪري اسٽيج اداڪارا ۽ ڊانسر منيبا شاهه کي قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب رنگ روڊ تي اڻڄاتل ماڻهن مچني گيٽ ٿاڻي جي حدن ۾ رڪشي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ منيبا شاهه مارجي وئي، جڏهن ته رڪشا ڊرائيور زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته جوابدار فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، شاهديون گڏ ڪري سندن ڳولا ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.