بجلي جي وڌندڙ اگهن ۽ ڳرن ٽيڪسن خلاف ٿيندڙ احتجاجن نيٺ حڪومت کي ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي جنهن جا اشارا ملي رهيا آهن.مهانگي بجلي ۽ ٽيڪسن جي خلاف جماعت اسلامي جي راولپنڊي ۾ ڏنل ڌرڻي کي اڄ نائون ڏينهن آهي جنهن وفاقي حڪومت کي ٻن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن جي اندر مطالبا نه مڃيا ويا ته پوءِ حڪومت ختم ڪريو تحريڪ هلائينداسين.
تحريڪ انصاف به چتاءُ ڏنو آهي ته اسان به جماعت اسلامي سان تحريڪ ۾ شامل ٿينداسين. هوڏانهن ٽيون ڏينهن ڪراچي ۾ پڻ واپاري مهانگي بجلي، بلن ۽ ٽيڪسن خلاف رستن تي نڪري آيا آهن. ٻئي پاسي صنعت ۽ وارپار جي اڳوڻي نگران وزير گوهر اعجاز هڪ بيان ۾ چيو آهي ته جيڪو سستي بجلي ڏئي حڪومت ان کان وٺي، پاڻ ڪاروبار ڪرڻ حڪومت جو ڪم ناهي. ڪي بجلي جا پلانٽ اهڙا به آهن جيڪي ڪم ڪرڻ بنا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪري ويا آهن تنهن ڪري آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدن جي فرانزڪ آڊٽ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته 40 آءِ پي پيز ڪمپنين خلاف سپريم ڪورٽ وڃي رهيا آهيون. جيڪڏهن حڪومت اسان جي ڳالهه ٻڌي ها ته سپريم ڪورٽ نه وڃون ها. ٻئي پاسي عوام جا پنهنجي نوعيت جا مهانگي بجلي خلاف احتجاج پڻ معمول بڻيل آهن.
هاڻي حڪومت انهن احتجاجن جي ردعمل ۾ ڇا سوچي رهي آهي ته اچو ته ان جو جائزو وٺون. پهريون ته جماعت اسلامي جي ڌرڻي وارن سان حڪومت جون ڳالهيون شروع ٿي چڪيون آهن ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت ڪجهه ڪرڻ جو کين ارادو ڏيکاريو آهي. پر ڳالهيون اڃان مڪمل نه ٿيون آهن پر ان اشو جي حل تي حڪومتي سطح تي ويچار ضرور ٿي رهيو آهي.پاور ڊويزن واري وفاقي وزير اويس لغاريءَ چيو آهي ته ته چين جي دوري دوران چيني اختيارين کي چيو ويو هو ته پاڪستان ۾ پنهنجي پاور پلانٽس جا قرض ري پروفائيل ڪن. جيڪڏهن ائين ٿيو ته بجلي جي قيمت ضرور گهٽ ٿي ويندي. توانائي واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت گهريلو واهپي دارن لاءِ بجلي تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس تي نظرثاني ڪري سگهي ٿي. هوڏانهن اسلام آباد ۾ صدر آصف علي زرداري سان فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس جي وفد پڻ ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي صدر مملڪت چيو ته ڪيپسٽي چارجز جي مسئلي جي حل لاءِ ڪاروباري برادري ڪيمٽي جوڙي. هن کين دعوت ڏني ته ڪميٽي توانائي جي مسئلي جي حل لاءِ ايوان صدر سان گڏجي ڪم ڪري ته ساڻن مڪمل سهڪار ڪيو ويندو. وزير اعظم شهباز شريف به چيو آهي ته ڪيپيسيٽي چارجز جو نئين سري سان فارمولو طئي ڪري سگهجي ٿو.
چوڻ جو مقصد جو اهو آهي ته دانهن ”ڪوڪ“ احتجاج ۽ پنهنجي حقن يا گهرجن لاءِ آواز اٿارڻ جو اهو ئي فائدو هوندو آهي. جڏهن ته اسان وٽ عام طور ظلم، ڏاڍ، زيادتين ۽ ناانصافين کي بس اهو چئي خاموشي سان برداشت ڪيو ويندو آهي ته احتجاج ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي. ٿيندو ڪجهه به نه پر اهو ضروري ناهي ته واقعي به ڪجهه نه ٿئي، ممڪن آهي ڪجهه ٿي به وڃي. سو آواز لازمي طور اٿارڻ گهرجي. احتجاج ضرور ڪرڻ گهرجي. احتجاج مان مراد وڳوڙ ۽ ڀڃ ڊاهه ناهي پر امن احتجاج جيڪو هر ماڻهو جو جمهوري معاشري ۾ ان جو حق هوندو آهي. ها البت ان ڳالهه جو خيال ڪيو وڃي ته اوهان قانون هٿ ۾ کڻندئو ته پوءِ قانوني ڪارروائي اڻٽر ٿي ويندي آهي.
جيستائين بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو مسئلو آهي ته اسان جو شروع کان اهو موقف رهيو آهي ته حڪومت جيڪڏهن عوام کي هر قيمت تي رليف ڏيڻ چاهي ته هزار رستا نڪري سگهن ٿا. اصل ڳالهه نيت، ارادي ۽ پاليسي جي هوندي آهي. حڪومت عوام کي فائدو ڏيڻ چاهي ته بلڪل به ڏئي سگهي ٿي جيئن هاڻي احتجاجن ۽ تحريڪن جي شديد دٻاءُ کي ڏسندي اها سوچڻ لڳي آهي پر اهو ڪيڏو نه بهتر هجي ها جيڪڏهن حڪومت پاڻ ئي عوام کي رليف ڏئي ها ۽ عوام ان جي ڪارڪردگي تي خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪري ها پر هتي حڪومتون الائي ڇو پاڻمرادو عوام لاءِ ڪجهه ناهي سوچيندي. مسلم ليگ (ن) کي ته حڪومت ڪرڻ جو وسيع تجربو به رهيو آهي پر الائي ڇو اها سٺي حڪومت ڪرڻ کي پنهنجو آدرش نه بڻائي سگهي آهي.
اسان جون حڪومتون تڏهن ئي عوام لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو سوچينديون آهن جڏهن انهن کان مطالبو ڪيو وڃي يا سندن خلاف ڪا تحريڪ هلائي ويندي آهي جيئن هاڻي ٿي رهيو آهي.پر حڪومت انهن احتجاجن کان اڳ بجلي جي اگهن کي گهٽائڻ بابت ائين مختلف آپشنز تي غور نه پئي ڪر ي جيڪا نه سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهه آهي ته آخر خراب حڪومت جو تاثر قائم ڪرڻ مان حڪمران جماعت کي ڪهڙو فائدو ٿو رسي!
بهرحال موجوده حالتن مان اهو به واضح ٿيو آهي ته حڪومت جي غلط پاليسين جن ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدو ، آءِ پي پيز کان بجلي وٺڻ سان عام واهپي دارن کي رسندڙ ڪاپاري ڌڪ، گذريل بجيٽ ۾ رڪارڊ ٽيڪس لڳائڻ جنهن سان به مهانگي ۾ ناقابل برداشت واڌارو ٿيو آهي.هاڻي حڪومت تي عوامي دٻاءُ گهڻو وڌي ويو آهي جنهن سان مخالف ڌر مضبوط کان مضبوط ۽ حڪومت ڪمزور کان ڪمزور ٿي رهي آهي. حڪومت وٽ مخالف ڌر سان مقابلي جو بهترين طريقو اهو آهي ته اها عوام کي وڌ کان وڌ فائدو ڏيڻ جي پاليسين تي هلي، مخالف ڌر تي دٻاءُ وجهڻ، انتقامي ڪارروائي يا بندش وجهڻ مسئلي جو حل ناهي. حل اهو آهي ته حڪومت مقبول حڪومت وارا عوامي ڪم ڪري ۽ عوام جو دليون کٽي ڏيکاري.