رائونتي/اوٻاوڙو ( نمائندن وٽان ) اوٻاوڙو کان رائونتي ڊيوٽي تي ويندڙ 2 ڏينهن اڳ رائونتي لنک روڊ تي 3 پوليس اهلڪارن کي هٿياربندن فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو هو شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن عبدالسميع سمون عبدالحنان ملڪ شفيق گل جو قتل ڪيس ايس ايڇ او رائونتي عبدالشڪور لاکو جي فرياد تي ستن جوابدارن مٿان ايف آئي آر درج جنهن ۾ بدنام زمانه ڌاڙيل راحب شر، ظهور شر، شاھن شر، شھزادو ملھڻ 3 اڻڄاتل سميت 7 جوابدارن مٿان شهيد دين محمد لغاري ٿاڻي رائونتي م ڪيس داخل ڪيو ويو آهي قتل ڪيس ۾ دھشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.