سنڌ ۾ هڪ مهيني لاءِ قلم 144 لاڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ هڪ مهيني لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو.
صوبائي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب قلم 144 تحت هڪ مهيني لاءِ صوبي ۾ جلسي جلوسن، ريلين ۽ ڌرڻن تي پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن موجب قلم 144 تحت صوبي ۾ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي هوندي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته اهو قدم آءِ جي سنڌ جي درخواست تي امن امان جي صورتحال کي ڏسندي کنيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.