سمارٽ فونز ٺاهيندڙ ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپني سام سنگ سال جي آخري ٽن مهينن ۾ پنهنجي بجيٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏي، جنهن کي فيچرز ۽ اگهه جي حوالي سان معياري قرار ڏنو پيو وڃي.
سان سنگ ”ايم 17“ کي محدود ملڪن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن کي ڪيمرائن ۽ ميموري آپشنز سبب بهترين سمجهيو پيو وڃي.
ڪمپني فون کي 7-6 انچ اسڪرين، فنگر پرنٽ سينسر سميت ٻين سيڪيورٽي فيچرز سان متعارف ڪرايو آهي، جڏهن ته فون ۾ طاقتور بيٽري به ڏني وئي آهي.
سام سنگ ايم 17 کي 5 هزار ايم اي ايڇ بيٽري ۽ 25 واٽ جي فاسٽ چارجر سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان کي 4، 6 ۽ 8 جي بي ريم ۽ هڪ ئي 128 جي بي ميموري سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.
فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائون، جڏهن ته فرنٽ تي هڪ ڪيمرا ڏني وئي آهي، ڪمپني موجب ڪيمرا ٽيڪنالاجي کي اڳ کان وڌيڪ بهتر ڪيو ويو آهي.
فون جي بيڪ تي مين ڪيمرا 50 ميگا پسڪل، ٻي 5 ۽ ٽين 2 ميگا پڪسل جي ڏني وئي آهي، جڏهن ته فرنٽ تي 13 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي.
نئين فون ۾ ڪيترائي اي آءِ فيچر به ڏنا ويا آهن، جڏهن ته فون جي اسڪرين ۽ ڪلرز ٽيڪنالاجي کي به اپ گريڊ ڪيو ويو آهي.
ڪمپني فون کي محدود ملڪن ۾ پيش ڪيو آهي پر تمام جلد ان کي پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ به پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.
فون جي قيمت مختلف ملڪن ۾ مقامي ڪرنسي موجب هوندي، پاڪستان ۾ فون جي قيمت 55 هزار کان 65 هزار رپين تائين هجڻ جو امڪان آهي.
طاقتور بيٽري، بهترين ڪيمرا، اي آءِ فيچر، مناسب قيمت، سام سنگ جي نئين فون اچي وئي
Prev Post
You might also like