هي ڪتاب سنڌ جي سينئر ڪهاڻيڪاره شگفته جبين جي لکيل ڪهاڻي جي دنيا ۾ هڪ منفرد واڌارو آھي.
ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي“اسان رلياسين رڃن ۾“ جيڪا رت جي رشتن جي ملڪيت جي تناظر ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن تي لکيل آھي.
ڪهاڻي“ اندر جنين اڌ “ عجيب اتفاق سان منهنجي ايندڙ ڪتاب ۾ ساڳئي عنوان سان لکيل ڪهاڻي آھي پر هي ڪهاڻي موضوع وانگي صفا نرالي آھي جنهن ۾ اکرن سان دردن جي تصوير نمايان نموني عڪس ٿيل آھي. هي ڪهاڻي مڪمل نموني رشتن سان نڀاءُ واري انداز ۽ اتساه سان ڀرپور اپٽاريل آھي، ڪهاڻي جي پلاٽ ۾ نواڻ سندا خوبصورت رنگ نکريل آھن.
ڪهاڻي“ انڊلٺ“ جيڪا پيار جي سندر احساسن سان ڀرپور آھي جنهن ۾ جدائي جو انوکو درد لکيل آھي. انتهائي خوبصورت نثر سان سرجيل هي ڪهاڻي جيڪا پڙھندڙ کي پنهنجي سحر ۾ سڪ رکندي وري وري پڙھڻ تي مجبور ڪري ٿي.
ڪهاڻي“ پارس“اسانجي سماج ۾ صدين کان رائج رسم“ پيٽن ۾ مڱڻا ۽ پينگهن ۾ پرڻا تي لکيل آھي“ انهي رسم جي ٻوڏ ۾ لڙھندي پيار ڪندڙ دليون هڪ ٻئي سان حال دل ڪندي پنهنجي پيار جي حاصلات لاءِ ڪابه رشتن سان نه بغاوت نه مزاحمت ڪن ٿيون صدين کان رواجن جي سوئي سان سبيل پارس جو پيار پنهنجي محبت کانسواء ڪنهن کي به قبول ڪرڻ بجاء ماٺ ۾ پاڻ کي ماري پيار ڪرڻ جي تاريخ ۾ انوکو انداز سان احتجاج خاموشي سان نوٽ ڪرائي ٿي.
ڪهاڻي “پانڌ نه ڇڏيان پرين جو“ هي ڪهاڻي به ورهين کان دل ۾ لڪل محبت جي مسافرن جي چوگرد گهمي ٿي.
ڪهاڻي “پاڻھين وجهي ڪن ۾ ، پاڻھين اڪاري اوڙاه“ هي ڪهاڻي جيڪا هڪ طرفي محبت تي ٻڌل آھي. هن ڪهاڻي ۾ خاموش ۽ پڇتاءُ ۾ لڪل اندر جو اتساه ڪهاڻي کي بيحد بهترين بنائي ٿو ڇڏي.
ڪهاڻي “ پزل“ هي ڪهاڻي بظاهر ته رنگين مزاج رکندڙ ڇوڪري جي آسپاس گهمي ٿي. مفادي فردن جي هڪ اڻ ڏٺل خوف جي خوف ۾ لکيل هيءَ ڪهاڻي پڙھندي اکيون آلي ٿي وڃن ٿيون.
ڪهاڻي “پورن مٿي پور“جيڪا فرسٽ پرسن ۾ لکيل آھي، هي ڪهاڻي جيڪا اولاد جي محبت جي احساس سان جڙيل آھي.
ڪهاڻي “جيون ڪو جنڊ“ : هن ڪهاڻي ۾ عورت پنهنجي جيون ساٿي سان ڀرپور نموني هڪ بهترين زندگي گذاري ٿي مگر وقت جي ڪانٽن سان گڏ زندگي پنڌ ڪندي ٻي عورت جي اچڻ سان مڪمل بدلاءِ اچي وڃي ٿو جيڪا وري به پنهنجي ور جي جيءُ ۾ ساڳي جاءِ ٺاهڻ لاءِ مڪمل نموني نڀاءُ جا گس ڳوليندي نيٺ ٿڪجي هارجي جدا ٿي پنهنجي معصوم نياڻي سان نئين حوصلي سان جئيڻ جا گس ڳولي وٺي ٿي مگر من اندر ۾ سڇائي سان ڀرپور احساس وفا واري رشتي جو بنا جواز ڇڄڻ جو ڏک رکي رکي جيء کي جهوريندو رهي ٿو
ڪهاڻي خاموشي ۽ خالي هٿ؛ ھي ڪهاڻي عورت جي وفا ۽ سهپ تي ڀرپور ڪهاڻي آھي جيڪا رشتن جي قدر جو ڀرم رکندي جٽادار نموني سان نڀاءُ ڪري ٿي.
ڪهاڻي“ زندان “: هي ڪهاڻي هڪ اهڙي نوجوان جي حالتن تي چوگرد گهمي ٿي جيڪو ورثي ۾ مليل غربت ۽ مفلسي کي مات ڏيڻ لاءِ علمي شعور جو دڳ وٺڻ بجاءِ چوري جي ڌنڌي سان غربت ختم ڪرڻ لاءِ جا گس ڳولي ٿو . رت جي رشتن جي ڀرم تي لکيل منفرد ڪهاڻي جيڪا پڙھندي اکين کي آلو ڪري ڇڏي ٿي.
ڪهاڻي “سڌ نه هيم سڪ جي“ هي ڪهاڻي پنهنجي سماج جي روايتي گهريلو ماحول تي لکيل آھي
ڪهاڻي“ فطرت“ هن ڪهاڻي ۾ هڪ اهڙي ڇوڪري جو ڪردار چٽيل آھي جيڪا جواني ۾ شڪي مزاج ور جي سزا طلاق جي صورت ۾ ڀوڳي سڀني رت جي رشتن کان پري ٿي نئين سر زندگي شروعات ڪري ٿي. هيءَ ڪهاڻي ڏاهپ ۾ لڪل فرد جي اصليت واري ڪردار جي اپٽار ڪري ٿي .
ڪهاڻي “قلب جو وڃايل قرار“: هي ڪهاڻي هڪ عام فرد جي خواهشن تي چٽيل آھي. ڪهاڻي کي پڙھندي “رت دانگي تي ورڻ وارو“ محاورو به بلڪل حيرت زده لڳو.
ڪهاڻي“ ڪاتب لکيو جئين“ تمام خوبصورت منظرنگاري سان شروع ٿيندڙ . هي ڪهاڻي هڪ ئي خاندان سان تعلق رکندڙ ننڍپڻ جي ٻن خاموش محبتن جي مسافرن تي نئين اتساهيندڙ انداز سان لکيل آھي، جيڪا موجوده سماجي روين جي خاص ڪري اسانجي سڌريل طبقي جي اباڻي روايتن جي پاسداري ڪري ٿي.
ڪهاڻي “ڪوڙ جي ڪوهيڙي ۾ لڪيل پهريون سچ“: ڪهاڻي ڪتاب جي نانءُ سان منسوب ڪيل هي ڪهاڻي جيڪا وقت گذارڻ واري فرد جي سکڻي محبت جي پڪار کي سراسر سچ سمجهي انهيءَ ۾ الهجي وڃي ٿي، وڏي سوچ ويچار کانپوءِ انهيءَ محبت جو اظھار وارو احساس اندر ۾ سانڍي ٿي مگر اندر سانڍيل محبت ڀرم انهيءَ وقت ڇڄي ٿو جڏھن هوء پنهنجي ڪنن سان ٻھروپ انداز جو احوال ٻڌڻ لڳي ٿي دل ۾ اڏيل چاهتن جا آکيرا کن پل ڀڄي ڀري پون ٿا وري به پاڻ سنڀالي وٺي ٿي، ۽ جلد ئي جيون جي پنڌ ۾ نئين حوصلي سان جئيڻ جا گس ڳولي وٺي ٿي.
ڪهاڻي“ لانگ ڊارئيونگ “ ٻن ڀينرن جي مڪمل احساساتي رشتي تي ٻڌل آھي
ڪهاڻي“ من جي مقتل ۾ لٿل شام“ پريت ۽ رضا جي انمول پيار تي لکيل هي ڪهاڻي جيڪا هڪ ٻئي سان محبت جي حاصلات پٺيان ڀرپور نڀاءُ ڪري منزل ماڻي وٺي ٿي. توڙي جو هي ڏاڍي ڏکاري ڪهاڻي آھي مگر پڙھندڙ کي پنهنجي سحر ۾ مڪمل نموني سان موهي ڇڏي ٿي.
ڪهاڻي “هڪ دل جي اڪيلائي “: هن ڪهاڻي ۾ هڪ اهڙي عورت جو درد اتاريل آھي جيڪا اباڻي لڄ جو ڀرم رکندي پنهنجي ور سان خوشين سان ڀرپور جيون گذاري ٿي مگر اها خوشي هن کي گهڻي وقت تائين راس نٿي اچي ۽ هوء هڪ واپاري شخص جي سکڻي محبت ۾ ڀٽڪڻ لڳي ٿي. ڪهاڻي ۾ جلدي بازي ۾ ڪيل فيصلي کانپوءِ زندگي ۾ آيل ڏکن جي طوفان جو درد لکيل آھي ۽ آسپاس ۾ رهندڙ فردن جي روين جي ڪري ويڳاڻئپ جو ڏک به چٽيل آ.
ڪهاڻي “ويا ويراڳي ڇڏي هي ديار“: هن ڏک ڀري ڪهاڻي جنهن ۾ وري جئيڻ جي تمنا جي حسرت سمايل آھي جيڪا انتهائي بهترين انداز ۾ لکيل آھي.
پيڪاڪ پبليڪيشن طرفان شايع ٿيل هي ڪتاب ڪهاڻيڪاره شگفته جبين جي منفرد ادبي مشاهدي تي ٻڌل آھي ڇوته ڪهاڻيڪاره موجوده عالمي ادبي گهرجن ۽ اسانجي سماجي روين احساسن کي چڱي ريت پرکي پوءِ قلم کنيو آھي. هن ڪهاڻي ڪتاب جي هر ڪهاڻي هڪ ٻئي ڪهاڻي جو تسلسل وانگي لڳي ٿي، ڪجه ڪهاڻين ۾ ته ائين لڳو ڄڻ مان ڪو انتهائي سٺو ناول پڙھي رهيو هجان.
هن ڪتاب ۾ موجود سڀئي ڪهاڻيون بهتر آھن. ڪٿي ڪٿي ڪردار جي کوٽ، مڪالمن ۾ مبهم ۽ فني اڻپورائو پسي سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻيون سنڌ جي گهر گهٽين کان ٿيندي شهري زندگين جا رنگ پسي سگهجن ٿا. ڪردار داخلي، شعوري ۽ ثفافتي طور واضع بياني ۾ خاص تاثر نه ٿا ڇڏين! مجموعي طور ڪهاڻيون موضوعاتي لحاظ کان سنڌي سماج جي هر معاملي جي چوگرد هلندي نظر اچن ٿيون، بهتر ٿئي ها ليکڪه انهيءَ سماج جي ڪردارن ۾ اتساه جو ساھ ڦوڪي ها! انهن کي دنيا جي ٻين زندگين سان روشناس ڪرائي ها ته ڪتاب جو هي اتساهيندڙ ۽ موضوع ۾ جدت جو چهرو شفاف نظر اچي ها جيڪو وقت ۽ دور جي ضرورت به آھي.
ڪهاڻين جو هي ڪتاب فني گهرجن ، انتهائي شاندار نثر سان سرجيل، سحر انگيز منظر نگاري سان سينگاريل، انتهائي وڻندڙ مڪمالمن سان سرجيل هر هڪ ڪهاڻي پنهنجي نڀاءُ سان مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش واضع نظر اچي رهي آھي. ڪٿ به ڪهاڻيڪاره جي قلم کي ٿڪل ۽ خانه پوري وانگي محسوس ناهي ٿيو. ڪمال جو نثر ڪهاڻين ۾ پڙھڻ لاءِ ملي ٿو، جنهن به دل جي اکين سان هي ڪتاب پڙھيو پڪ سمجهو خوبصورت منظرن چند لمحن وڃائجي ضرور ويندو! اها ئي ليکڪ جي ڏاهپ هوندي آھي. جيڪو پڙھندڙ کي بور ڪرڻ بجاء پنهنجي سحر ۾ سھيڙي رکي ٿو.
شگفته جبين حاضر دور جي انتهائي مڃيل ، ڏاهي ڪهاڻيڪاره آھي جيڪا ڪهاڻي جي ڪاروان منفرد مسافر آھي. جيڪا ڪهاڻي جي سفر ۾ پنهنجي عقلي مشاهداتي ڏاهپ سان ڪهاڻي سان مڪمل نڀاءُ ڪري رهي آھي. عام زندگي جي معمولي واقعن. گهريلو تڪرارن. رت جي رشتن جي تلخين، سماجي اڻ سهپ واري روين ،پيار جي پرڻن ۾ کڄندڙ اٻھرائپ وارن فيصلن ۽ اڄ جي معاشرتي معاملن ۾ معاشي طور اڳڀري ٿيڻ جا خواب ڏسندڙ عورت سان ٿيندڙ ڏکاين تي دل کولي لکيو آھي. پوري ويهن ڪهاڻين تي مشتمل هي ڪهاڻين جو مجموعو ڪهاڻي جي دنيا ۾ سٺو واڌور پڻ آھي. خاص ڪري ڪهاڻي سان لڳاءُ رکندڙ فردن کي هي ڪتاب ضرور پڙھڻ گھرجي. آئون شگفته جبين کي سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين جي هن ڪتاب ڏيڻ تي واڌايون پڻ ڏيان ٿو ۽ اميد ڪريان ٿو ته هُو اهڙين شاندار فڪري شعوري، ادبي، تخليقي ۽ فني سرگرمين جي سفر کي جاري رکندي ۽ سنڌي ادب جي خدمت پڻ ڪندي رهندي..