فيمينزم ڇا آھي، فيمينسٽ ليکڪ ڪنھن کي ٿو چئجي، ان کي ورجائڻ جي ضرورت محسوس نٿي ڪريان جو ھتي سڀ سڄاڻ ۽ ساڃاھ وند ماڻھو ويٺا آھن، اھي عورت جو سنڌي سماج ۾ مقام ڄاڻن ٿا. اسان جي ھن خطي، يعني ھند سنڌ ۾ عام طرح ۽ پنھنجي سونھاري سنڌ ۾ خاص طرح عورت جي درد کي سمجھڻ جي دعويٰ ڪرڻ وارن ناليوارن ڪيترن مرد ليکڪن سندس حمايت ۾ گھڻو ڪجهھ لکيو آھي، خاص ڪري ترقي پسند دور جي اڪثر ليکڪن ڪنھن نه ڪنھن روپ ۾ عورت سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ بيواجبين کي شعوري طور ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آھي، جن ۾ اياز قادري، شيخ اياز، غلام رباني آگرو، رشيد ڀٽي، سراج ۽ ٻيا شامل آھن…
ھتي مون ان لسٽ ۾ جمال ابڙي جو نالو ڪونه ورتو، ڇو؟ اھو ان ڪري جو مٿي ذڪر ڪيل ليکڪن/ ڪھاڻيڪارن عورت جو درد سمجھيو ضرور پر پنھنجي مشاھدي جي قوت سان، جڏھن ته جمال ابڙي عورت جو درد ڄڻ ته ھڪ عورت بڻجي اندر ۾ محسوس ڪري، ڀوڳي لکيو ھجي ۽ سندس ڪھاڻيون پڙھي آئون خاطريءَ سان ٿي چوان ته ھن جڏھن اھي ڪھاڻيون لکيون ھونديون ته ڳوڙھن سان ڌنڌلين اکين سان لکيون ھونديون، نڙيءَ ۾ ڳنڍي وانگر ڦاٿل درد کي ڪاڳرن تي اتاريو ھوندو، ڇو ته ھڪ پڙھندڙ جي حيثيت ۾ مون جڏھن به اھي ڪھاڻيون پڙھيون، اکيون ڳوڙھن سان ڌنڌلائجي ويون ۽ نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪو ڳنڍو اٽڪي ٿي پيو… وڌيڪ نه ته به ٽي ڪھاڻيون اھڙيون ضرور آھن جن ۾ ھن عورت بڻجي، ان جي اندر ۾ موجود پيڙا کي محسوس ڪري لکيو آھي، اھي ڪھاڻيون آھن "پيراڻي”، "سينڌ” ۽ "مان مرد”!
سنڌي ڪھاڻيڪار عورتن ان کان گھڻو پوءِ اھڙي حساسيت سان لکيو.
ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پڙھائڻ دوران سنڌي ڪھاڻين تي ليڪچر ڏيندي جمال ابڙي جي ڪھاڻين تي عمومي طرح ۽ انھن ٽن ڪھاڻين تي خصوصي طرح ڳالھائيندي يقين ڪريو ته آئون جذباتي ٿي ويندي ھئس ۽ مون کي لڳندو ھو ته جيئن جمال وٽ انھن ڪھاڻين لکڻ پٺيان ڪو مقصد ھو تيئن پنھنجن شاگردن ذريعي سماج کي انھن جو پيغام پھچائڻ منھنجو مقصد آھي.
اڄ انھن ٽن ڪھاڻين مان مون صرف ھڪ ڪھاڻي چونڊي ان تي ڳالھائڻ جو سوچيو آھي، اھا آھي "مان مرد”!
ھيءَ ڪھاڻي فينٽسي واري ٽيڪنيڪ ۾ لکيل آھي. جنھن دور ۾ جمال اھا ڪھاڻي لکي ان وقت اھا محض ھڪ ٽيڪنيڪ يا طرز ھئي جنھن ۾ ڪجهھ ٻيا ليکڪ به لکندا ھئا، پر ھاڻي ھن صديءَ ۾ اھا ادب جي ھڪ منفرد صنف مڃي وڃي ٿي. ان جي وصف وقت جا نقاد ھيئن ٿا ڪن:
"Literary fantasy is considered a genre of speculative fiction and is distinguished from science fiction or horror”
وري اڳتي لکن ٿا:
)”Fantasy literature is literature set in an imaginary universe” wikipedia.org, dated 29th July 2024)
سو ھن ڪھاڻيءَ "مان مرد” ۾ جمال ابڙي ھڪ فرضي، خيالي يا تصوراتي دنيا تخليق ڪئي آھي، جنھن ۾ ھن اسان جي موجوده پدر سري patriarchalسماج ۾ ڪردارن جي عملي روپ يا رول کي بنهه ابتو ڪري مردن جي جاءِ تي عورتن کي ۽ عورتن جي جاءِ تي مردن کي رکي ھڪ خيالي معاشرو ڏيکاريو آھي جتي وحشي عورتن جي حڪومت آھي. ان کي آئون مادرسري يا مائيتو (matriarchal) سماجي نظام بلڪل ڪانه چوندس ڇو جو دنيا ۾ ڪوبه مائيتو سماج ايترو وحشي نه ٿيو آھي ۽ نه ٿي سگھي ٿو، جيترو سنڌ جو پدرشاھي نظام وارو سماج آھي…
جمال صاحب جي تخليق ڪيل تصوراتي سماج ۾ اھڙين وحشي عورتن جي حڪومت آھي جيڪي مردن سان بلڪل اھڙو وحشياڻو ۽ ظالماڻو وھنوار ۽ رويو رکن ٿيون جھڙو اسان وٽ پدرشاھي سماج ۾ عورتن سان رکيو ويندو آھي. جمال ابڙي جي ھن فرضي سماج ۾ جنم کان مرڻ تائين مردن جي زندگين جي ھر فيصلي جو اختيار ۽ ڪنٽرول عورتن وٽ آھي. ھن ڪھاڻيءَ جو مکيه ڪردار ھڪ نوجوان مرد، اھڙي معاشري ۾ ڦاسڻ کان پوءِ ڇا ٿو محسوس ڪري… اھا آھي ھن افساني ۾ جمال ابڙي جي ٿيم!
اسان جي سماج ۾ ڪوبه مرد اويستائين عورت سان ٿيندڙ جسماني، جذباتي، ذھني ۽ نفسياتي اذيتن ۽ عذابن کي سمجھي نٿو سگھي جيستائين ھو پاڻ کي سندس جاء تي رکي اھو سڀ ڪجهھ محسوس نٿو ڪري. عورت جو درد عورت بڻجي محسوس ڪرڻ کان پوءِجمال صاحب اھو سنڌ جي مردن کي محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ـ اھا ڳالهھ سمجھڻ لاءِضروري آھي ته ڪھاڻيءَ جي ٿوري اکيل ڪجي. ڪھاڻيءَ جي پھرين پئرا ۾ لکي ٿو:
"مان تڏھن ننڍڙو جوانڙو ھجان، ڳاڙھو ڳاڙھو ڳٽول، لڱ سڊول، پاڻ کي ڏسي خوش پيو ٿيان، تيل ڦليل ڪري، وارن کي سينگاري ٻاھر نڪران، ڀانيان سڀڪو پيو مون کي ڏسي.”
ھاڻي اھو معصوم جوانڙو پاڻ کي سنڌ جھڙي ھڪ ملڪ ۾ ٿو ڏسي، فرق صرف اھو آھي ته اتي مردن بدران عورتن جي حڪومت آھي. چوي ٿو:
"ھڪ اھڙي ملڪ ۾ اچي نڪتس جتي بس مون سان ڪِيس ٿي ويو، منھنجي ڪچڙي وھيءَ کي ڄڻ ته ڪنھن مٺ ۾ نپوڙي لڳڙو ڪري ڇڏيو، زندگيءَ جو نچڪو ٽپڪو جيڪو بل پيو ڏيندو ھو، تنھن جو ڄڻ ته ڪرنگھو ڀڃي ڪنھن لولو لنگڙو ڪري وڌو. حياتيءَ جو ھڳاءُ، زندگيءَ جي سرھاڻ سڀ چوسجي وئي”
ھاڻي ھي جوانڙو خوفناڪ، جابر ظالم عورتن جي چنبن ۾ اچي ويو آھي جتي ساڻس اجھو ھيئن ٿو ٿئي:
"ھڪ ڄڻيءَ ڳٿر کان جھليو..ھڪ ممجھڙي ڪراڙيءَ ڏائڻ اچي مون کي ڳراٽڙي پاتي…ان مھل ھڪ ٻڪر ڪٽار سان ڪٺائون…ساٺ سوڻ ڪري مون کي ھن ڪراڙيءَ مم جي حرم ۾ داخل ڪيائون- مون کي ڏندڻ پئجي ويا، چيم خدايا ٻڪر ھجان ھا ته چڱو، ھڪ وار ڪسجي وڃان ھا، يا عمر جھنم جو عذاب ته نه ڏسان ھا. ڪيئن ھن ڪراڙيءَ کوڳ سان عشق ڪندس!”
اتي وري فاضل ليکڪ ادبي صنعت satire کان ڪم ورتو آھي ۽ طنزيه انداز ۾ لکي ٿو:
"ان مھل پنھنجي سنڌ ديس کي ساريم، پاڙي جي روئيندڙ نازنين ياد پيم، جنھن کي سٺ ورھين جي پوڙھي سان ٿي پرڻايائون. الا! جي ھينئر منھنجي روبرو ائين ٿئي ھا ته سڀني جا ميڄالا ڀڃي پوڙھي جو نڙگھٽ پٽي، ان نازنين کي جيئدان ڏياريان، ويچاري شاديءَ جي ڦنڊر ٿي مون وانگر ڪسجڻ لاءِتيار ٿي ھوندي، ڪنوار ٿيڻ لاءِ نه! ائين ڀانيم ته ان نازنين کي به نڪاح وقت اھڙا ڀوائتا جھنگلي، اگھاڙا، نِرلڄا انسان نچندا ۽ واڄٽ ڪندا نظر آيا ھوندا!”
ڪيئن ٿا ڀانئيو، اڄ ان ننڍڙي نماڻي نينگريءَ جو درد محسوس ڪري ٿو سگھجي يا نه؟ سنڌ جي نوجوانن جي دلين ۾ اھڙين نماڻين نينگرين جي لاءِڪھڪاءُ محسوس ڪرڻ جو پيغام واضح آھي يا نه؟
ڪھاڻيءَ ۾ جڏھن ڪراڙي کوڳ مائي ھن نوجوان ۾ پنھنجي لاءِ ڪي جذبا اڀاري نٿي سگھي ته پھرين موچڙا ٿي ھڻيس ۽ پوءِ؟. نوجوان ٻڌائي ٿو ته:
"ھار مڃي لڄي ٿيڻ بدران اٽلو مون تي ٺڪر ڀڃڻ لڳي، چي، ‘ھھڙو تھڙو، نڪ وڍيو گھر سان سچو ناھي، ضرور ڪٿي اک اڙي ھوندس’ مون واري سس ۽ ساليون به اچيو چنبا ھڻن ۽ ڀونڊا گھروڙي ڏين، چي، ‘ڪاريءَ تي پير پيوسون جو پنھنجي وسن جھڙي مومل جو ھن نڀاڳي سان پلئه اٽڪايوسين’. منھنجي زال کي صلاح ڏنائون ته ‘ڪھينس…غيرت جو سوال آھي’!”
ھن کان پوءِھڪ ڪلاسڪ جملو آھي جنھن جو طنز اصل روح ۾ لھي ٿو وڃي، لکي ٿو:
"مون کي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، پنھنجي پياري ديس ۾ مون ڪڏھن نه سوچيو ھو ته ڪو ‘زائفن کي به غيرت ٿيندي آھي ۽ ھو به مڙسن کي ڪارو ڪري ماري سگھن ٿيون’!”
ھن ڪھاڻيءَ ۾ پيش ڪيل سمورا واقعا ۽ نوجوان سان ٿيندڙ ھر واردات سنڌ جي عورت سان ٿيندڙ ظلمن جو عڪس ۽ نظارو پيش ڪن ٿا ۽ دل رت جا ڳوڙھا ڳاڙي ٿي… ڪھاڻي ڊگھي آھي، واقعا به گھڻا آھن، پر ھتي آئون صرف اھا ڪلائيميڪس واري پئرا ٿي ورجايان جنھن جي ڪري آئون جمال ابڙي کي سنڌي ٻوليءَ جو فيمينسٽ ڪھاڻيڪار مڃان ٿي. ليکڪ ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ ساڳئي نوجوان کي ستر سالن کان پوءِپوڙھو ڏيکاري، ان ڪردار جي زباني چورائي ٿو:
(پنھنجي) ملڪ جو خيال ايندي ئي منھنجي دماغ ۾ جوالا ڦاٽي پيو. نه نه! منھنجو مٺڙو ملڪ اھڙو ڳُڻ چور نه آھي، ستر ورھين ۾ ضرور مٽيو ھوندو، ڪو جھنگلي ڀوتن جو ملڪ نه آھي. منھنجي ملڪ جي مڻيادار ماڻھن ڪُوپن وانگر ڪنڌ ڪپائي، پنھنجي گگدام مائرن، ڀينرن ۽ نياڻين جا نيئر ٽوڙيا ھوندا، پر جي نه ته؟… منھنجون پوڙھيون نسون ڦنڊجي پيون، ھزارن ڪوھن تان ٻيو ڇا ٿي ڪري سگھيس! نشتر ھڻي رت ڪڍيم، رت سان ڌار ھيءُ پيغام لکيم؛ جي توھان تائين پھچي وڃي ته ھن پوڙھي جي رت جو قدر ڪجو…مڙس ٿجو!”
ڇا ٻئي ڪنھن به مرد ڪھاڻيڪار عورت جي اندر جي درد جي پڪار کي ائين اظھاريو آھي؟؟ گھٽ ۾ گھٽ مون ته ڪونه پڙھيو آھي.
(ثقافت کاتي سنڌ طرفان محترم جمال ابڙي جي ملهايل سئو سالا تقريب ۾ پڙهيل مقالو)