تهران ۾ فلسطين جي تنظيم حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه جي شهادت وچ اوڀر جي جنگي حالتن واري ٻرنديءَ تي وڌيڪ تيل هاري ڇڏيو آهي.شهادت جو اهو واقعو اهڙي وقت ٿيو آهي جڏهن فلسطين – اسرائيل جنگ تمام تر ڪوششن ۽ سفارت ڪاري باوجود ختم ٿيڻ جو نانءُ نه ٿي وٺي . اهڙي صورتحال ۾ حماس اڳواڻ جي شهادت جنهن لاءِ سندس پٽ جو چوڻ آهي ته ان جو بدلو وٺڻ هڪ فرض آهي ان جي معنيٰ ته اها ٿي ته اها جنگي ڇڪتاڻ اڃان وڌندي جيڪا ظاهر آهي انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.
حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه جي سڄي زندگي فلسطين اسرائيل جنگ جو ردعمل ۽ احتجاج رهي، هي پاڻ 1962ع ۾ هڪ پناهه گير ڪئمپ ۾ پيدا ٿيو هو. يعني تڏهن به فلسطين اسرائيل جي جنگ سبب شهري لڏ پلاڻ تي مجبور ٿيا ها. اسماعيل هانيه جو ننڍپڻ ان ڪئمپ ۾ ئي گذريو ۽ اتان ئي هن ابتدائي پرائمري تعليم حاصل ڪئي هئي. جڏهن 1988ع ۾ هن تنظيم جو بنياد پيو هو جنهن جو مقصد فلسطين جي آزادي هو ته هن پڻ ان ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان لحاظ کان هي ان تنظيم جي بانيڪارن مان هڪ هو. 2017ع ۾ کيس حماس جو سربراهه ٿيڻ جو موقعو مليو. اسرائيل جي غزه تي ڪيل موجودا هوائي حملي ۾ سندس ٽي پٽ ۽ ٽي پوٽا شهيد ٿيا ها. ان صدمي کي به هن بهادر اڳواڻ طاقت ۾ بدلائي ڏيکاريو ۽ پيغام ڏنو ته منهنجي پٽن ۽ پوٽن جي هيءَ شهادت فلسطين جي ٻين شهيدن کان ڪنهن ريت به قيمتي ناهي. اسماعيل هانيه جي پٽ جو چوڻ آهي ته سندن والد هر وقت ان قسم جي شهادت لاءِ تيار هو اڃان به چئجي ته اهڙي شهادت سندس خواب هو جيڪا کيس نصيب ٿي آهي.
هاڻي سوال اهو آهي ته اهو جنگي ۽ شهادتن جو سلسلو جنهن سان سڄي دنيا جو امن واڳيل آهي سو ڪيستائين هلندو. ڪيستائين ان جنگي صورتحال کي دنيا جا عام ماڻهو ڀوڳيندا رهندا. اها ڪيڏي نه اچرج جي ڳالهه آهي ته موجوده ترقي يافته دور ۾ به پراڻن زمانن وانگر جنگيون پيون هلن ۽ اڄ جي دور ۾ به تهذيب ۽ ترقي يافته دنيا پاڻ کي جنگين جي تباهي کان بچائي ناهي سگهي يا بچائڻ ۾ ناڪام رهي آهي! ويجهڙ ۾ آمريڪا ۾ هلندڙ چونڊ ۾ آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مان آمريڪا جو صدر هجان ها ته ٽيليفون تي ئي اسرائيل فسلطين جي جنگ ختم ڪرائي ڇڏيان ها. سو انهيءِ حقيقت کان به انڪار ناهي ته آمريڪا جنهن کي دنيا جو سپر پاور ملڪ چيو وڃي ٿو سو پڻ اهڙين جنگين جو ذميوار آهي جنهن جو اعتراف ڊونلڊ ٽرمپ به اڻ سڌي طرح ڪيو آهي. جو بائيڊن جو صدارتي دور ان لحاظ کان واقعي به وڏي تباهي طور ياد رکيو ويندو ته ان جي دور ۾ اسرائيل فسطين جنگ جو هڪ خوف ناڪ دور شروع ٿيو جيڪو اڃان ختم ناهي ٿيو. ايئن موجوده گڏيل قومن جو ادارو به فلسطين اسرائيل جنگ کي روڪائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جنهن جي موجوده دور تي به وڏي تنقيد ۽ حيرت ٿي رهي آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسرائيل هر دور ۾ فلسطين سان جنگ جو ذميوار رهيو آهي پر اها به حقيقت آهي ته موجودهه جنگ جي ذميوار فلسطين جي تنظيم حماس به آهي جنهن اسرائيل تي حملو ڪري موجودهه جنگ جي شرعات ڪئي وري وچ ۾ايران به فلسطين جي حمايت ۾ جنگ ۾ ڪاهي پيو ۽ ان به اسرائيل تي ميزائيل جو حملو ڪيو.
ايئن اسرائيل فلسطين جنگ جا هر دور ۾ نوان محاظ کرڙا ٿيندا رهيا آهن اسماعيل هانيه جي شهادت هڪ نئون محاذآهي جنهن ۾حماس جا ايران جي سيڪيورٽي تي ٿيندڙ شڪ شهبا آهن خطرو آهي ته ڪٿي وري حماس ۽ ايران ۾ نه ڪا جنگ ڇڙي پئي آهي.
بهرحال انهن جنگين کي روڪڻ لاءِ هاڻي باقائدگي سان دنيا کي سوچڻو پوندو ملڪن اندر ان هڪ نڪتي تي ڪو اتحاد قائم ڪرڻو پوندو ۽ جنگ جي اڳڀرائي ڪندڙن کي ترت سزا ڏيڻ جو انتظام ڪري ان ملڪ کي عالمي برادري ۾ اڪيلو ڪرڻو پوندو اهڙو ڪم گڏيل قومن جهڙي اداري کي ڪرڻو پوندو پر بدقسمتي اها آهي ته ان اداري دنيا جي ملڪن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪو به فيصلائتو ڪرادار ادا ڪرڻ بدران ۽ ان جي اتحادي ملڪن جي مفادن جي نگهباني وارو ڪم پئي ڪيو آهي. سو وقت اچي ويو آهي ته هن دنيا اندر جنگين تي مڪمل طور پابندي لڳائي وڃي ۽ هر مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي طئي ڪرڻ کي لازمي قرار ڏنو وڃي جيڪو ملڪ اهڙي اخلاقي ضابطي جي ڀڃڪڙي تنهن کي عالمي برادري پنهنجي ڀائپي مان ڪڍي ان کي اڪيلو ڪري ڇڏي. جيسيتائين اهو ملڪ جنگ کان توبهه تائب نٿو ڪري ڇاڪاڻ ته جنگ دنيا اندر ناقابل برداشت نقصان رسايو آهي دنيا رت جون نديون وهائي ڇڏيون آهن عام ماڻهو ته وحشي،درندا، خونوار، ٿي سگهن ٿا پر جيڪڏهن دنيا جا ملڪ به وحشي، درندا، خونخوار بڻجي وڃن ته پوءِ ڇا ٿو بچي.
سو خدارا دنيا کي هنن جنگين کان بچايو جيڪڏهن ملڪن جا موجوده سربراهه انهن جنگين کي روڪڻ لاءِ اهڙو ڪو فيصلائتو ڪردار ادا نه ٿا ڪري سگهن ته پوءِ کين اقتدار جي مسند تي ويهڻ جو ڪو حق ناهي انهن کي پوءِ اهڙن حڪمرانن لاءِ جاءِ ڇڏڻ گهرجي جيڪي جنگين کي روڪڻ جا حامي هجن .