ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججن جي مقرري خلاف احتجاج ڪيو ويو . وڪيل برادري پاران سٽي ڪورٽ جي سي چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو. مظاهري ۾ ملير بار جي اڳوڻي صدر اشرف سمون، ظهور احمد معصود ايڊووڪيٽ، منظور ڀٽي، بئريسٽر فياض احمد سمون، زاهده، مهجبين ايڊووڪيٽ اصغر ٻرڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙن پلي ڪارڊ کنيا، جن تي ايڊهاڪ ججن جي برطرفي جا نعرا لکيل هئا.اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ واحد انصاف جو ادارو عدليا آھي جنهن ۾ به سياست شامل ٿي چڪي آھي.سپريم ڪورٽ جا جج به سفارش تي کنيا پيا وڃن هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جا جج ميرٽ تي کنيا وڃن .احتجاج ڪندڙن وڪيلن جي هٿن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران خان جا پلي ڪارڊ هيا.